بدين(ڊ ر) سماجي تنظيم وومين ڊولپمينٽ ايسوسيئشن طرفا وومين هال ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي ناهيد ابڙو چيو ته سنڌ جي ثقافت شاهوڪار آهي اسان کي پنهنجي ثقافت تي فخر آهي هن وڌيڪ چيو ته وومين ڊولپمينٽ ايسوسيئشن سال 1991 کان وٺي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي خاص ڪري قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيل عورتن ۾ امدادي سامان سميت سندن بحالي لاءِ ڪم ڪيا ويا هن وقت به تنظيم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مستحق ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عبدالغفار کوسو چيو ته سنڌ جي تهذيب پنج ھزار سال پراڻي آهي جنهن تي فخر ڪرڻ فطري ڳالهه آهي هن چيو ته وومين ڊولپمينٽ ايسوئيشن ضلع ۾ سماجي ڀلائي خاص ڪري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهي آهي اميد آهي تنظيم طرفان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عورتن جي بحالي لاءِ وڌيڪ اپاءَ ورتا ويندا.
