تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان ڪيل دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن: بلاول

واشنگٽن ( م ڊ ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان ڪيل دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن. واشنگٽن ۾ ايٽلانٽڪ ڪائونسل کي خطاب ڪندي هن چيوته بنون ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي ڪارروائي ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي تحفظ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻندو، هن ان اميد جو اظهار ڪندي چيو ته ان سلسلي ۾ افغانستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو خاتمو چاهي ٿو، جنهن لاءِ سنجيدا ڪوششون ڪيون پيون وڃن. بلاول ڀٽو چيو ته کيس اميد آهي ته نوَ جنوري تي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي امداد لاءِ گڏيل قومن پاران منعقد ڪرايل عالمي ڪانفرنس ٻوڏ متاثرن لاءِ جوڳا قدم کنيا ويندا. سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب پاڪستان لاءِ هلندڙ سال ڏکيو ترين رهيو. ٻوڏ جي تباهين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته خاص طور پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ 47 سيڪڙو تعليمي ادارن جون عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن جنهن سبب 52 سيڪڙو ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن، صحت جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 50 لک ايڪڙن تي بيٺل فصلَ مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن. هن چيو ته آمريڪا سميت ڪيئي ملڪن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي، پر بحالي واري ڪم لاءِ اڃا وڌيڪ امداد جي ضرورت آهي. پاڪستان جي مشڪل معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته وفاقي سرڪار اِها ڪوشش ڪري رهي آهي ته نه رڳو موجودا معاشي صورتحال بهتر ڪئي وڃي پر اهڙي اثرائتي معاشي پاليسي ترتيب ڏني وڃي جنهن جي مدد سان ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملي سگهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت جو سڄو ڌيان واپاري سرگرمين کي ڊيگهه ڏيڻ تي کُتل آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت جي ترجيحن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته چين، ايران، افغانستان، وچ ايشيا جي پاڙيسرين ملڪن سميت سعودي عرب دنيا سان واپاري رابطا وڌايا پيا وڃن جنهن سان تجارتي نيٽ ورڪ وسيع ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته معيشت جي غير يقيني واري صورتحال کانسواءِ پاڪستان سياسي نوعيت جي مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو هو، جڏهن ته موجودا حڪومتي اتحاد حالتن ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي وزير پاڪ- آمريڪا لاڳاپن جي حوالي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ گهڻي بهتري ۽ ويجهڙائي آئي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پنهنجي غلطين مان سکڻو پوندو، زندا ۽ روشن خيال قوم جيان اُٿڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں