تلهار(ن س ) تلهار ۾ گسٽا اليڪشن چيئرمين ميثم علي جي نگراني ۾ ٿي گذري جنهن ۾ تعلقي صدارت جي اُميدوارن ۾ تعليم دوست پينل جي نارو مل ميگھواڙ ۽ اُستاد اتحاد پينل جي ظفرالله جمالي ۾ مقابلو ٿيو اليڪشن ۾ 67 اُستادن پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪيو بعد ۾ ڳڻپ ڪئي وئي جنهن ۾ تعليم دوست پينل جي اُميدوار نارو مل جي پينل 26 ووٽ کنيا جڏهن ته اُستاد اتحاد پينل ظفرالله جمالي جي پينل 41 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ان موقعي تي ظفرالله جمالي ۽ ٻين استادن چيو ته اليڪشن هڪ جمهوري عمل آهي جنهن ۾ تمام اُستادن پنهنجي حق جو استعمال ڪيو هنن وڌيڪ چيو ته هي اليڪشن دوستاڻي ماحول ۾ ٿي آهي اسان سمورن اُستادن کي گڏ کڻي هلنداسين سمورن اُستادن جي مسلئن کي پنهنجو مسئلو سمجهي گڏجي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ تعليم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته جيئن اسان جو علائقو شهر ضلعو ترقي جون منزلون ماڻي ڇو ته جنهن قوم ۾ تعليم ناهي اتي ڪجھ به ناهي اسان کي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو
