حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڏاھي ۽ مھا ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ ٽن ڏينھن وارو اٺون اياز ميلو سڀاڻي 23 ڊسمبر تي جمعي جي ڏينھن ثقافت کاتي جي سھڪار سان حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ خانھ بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي شروع ٿيندو، ميلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن. ان سلسلي ۾ اياز ميلا ڪميٽي جي اڳواڻ امر سنڌو، پنھنجن ساٿين حسين مسرت شاھ، نسيم جلباڻي، پروفيسر امداد چانڊيو ۽ پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب پھچي اياز ميلي ۾ صحافين کي شرڪت ڪرڻ جي لاءِ دعوت ڏني. ان موقعي تي امر سنڌو ڳالھائيندي چيو تھ سنڌ جي مھان ڪوي، ماضي، حال ۽ مستقبل جي شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شھرن کان شاعر، اسڪالر، دانشور ۽ ساڃاھھ وند شرڪت ڪندا، ميلي جو افتتاح ثقافت، سياحت ۽ تعليم کاتي جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاھھ جمعي جي ڏينهن 4 وڳي ڪندو ۽ ھي ميلو 25 ڊسمبر تائين جاري رهندو، اياز ميلي ۾ مختلف موضوعن تي 35 ويھڪون ٿينديون، جنھن ۾ نورالھديٰ شاھ، ڊاڪٽر شاھ محمد مري، جامي چانڊيو، عاصمه شيرازي، ناصر عباس نيئر، نذير لغاري، ھدا ڀرڳڙي، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، ڊاڪٽر اريبھ جلباڻي، سنجي راجا، رياض اڄڻ، ڊاڪٽر رياض احمد، ڊاڪٽر انعام ڀٽي، ڊاڪٽر مجيد چانڊيو، ڊاڪٽر عامر حسيني، انعام نديم، مصطفيٰ ارباب، ڊاڪٽر سحر گل، ادل سومرو، امر اقبال، امر پيرزادو، مونس شيخ اياز، ڊاڪٽر سحر امداد، نياز پنھور ۽ ٻيا مقرر اياز جي ڏات، فڪر ۽ قلمي پورھيي تي روشني وجھندا، اياز ميلي جي ٽنھي ڏينھن تي محفل اياز ۾ 100 کان وڌيڪ فنڪار ۽ سازندا پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا، پھرين ڏينھن تي سھائي ابڙو ڊانس پرفارمنس ڪندي، جڏھن ته ثقافتي هنري شين جي مختلف اسٽالن تي لائيو شيون ٺاهيندي ڏيکاريو ويندو. امر سنڌو چيو ته اياز ميلو هر سال ٿيندو آهي، پهريون ميلو ستن ڏينهن تي ٻڌل هو، ڪورونا ۽ ٻين سببن جي ڪري ميلي کي پنجن ڏينهن تائين ڪيو ويو، پر هاڻي تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري اٺون اياز ميلو ٽن ڏينهن جو ٿيندو، ميلي ۾ ملڪي سطح جو مشاعرو به رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف شھرن کان شاعر شرڪت ڪري پنهنجيون نڪور ڪويتائون پيش ڪندا، ميلي جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، اسٽيج ۽ ھال تيار ٿي رھيو آھي.
