دنيا وٽ ايترو سافٽ ڪارنر ڇو؟

رياض ابڙو
ائين ناهي ته رڳو اسان ٿا مڃون ته افغانستان جي هاڻوڪي صورتحال به نائين اليون جو سيڪيوئل آ، معني اتي به اوترو ئي سي آءِ اي ملوث آ جيترو نائين اليون جي ڪنسپائريسي ڪرڻ ۾ هئي جو ان وقت هنن افغانستان تي طالبان مٿان حملو ڪري انهن جي حڪومت ڪيرائي وڌي هئي ۽ هاڻي فرق اهو آ ته هنن طالبان کي بهترين موقعو ڏنو ته هو ڀلي ميدان مارن، ان ڪري ته گدرو ڇريءَ تي ڪري يا ڇري گدري تي ڪري ڳالھ مڙئي ساڳي هئي، ان ڪري اهو تسليم ڪرڻ انتهائي دشوار آهي ته ان چال ۾ ڪو آمريڪا جو نقصان ٿيندو يا هيو، آمريڪا جي اسٽيٽ سيڪريٽري جو اهو چوڻ بجا آهي ته طالبان جي حڪومت جو هلي پوڻ کي سڄي دنيا سان گڏ افغان عوام به جائز قرار ڏئي، ۽ اهي غيرپختون ۽ غيرطالبان به اها ڳالھ تسليم ڪن ته 20 سال اڳ وارا طالبان هاڻي مٽجي ويا اهن، اهي طالبان هاڻي سڀ ڪم ڪندا جيڪي هڪ بهترين حڪومت کي ڪرڻ کپندا آهن، پر آمريڪي اسٽيٽ جي اسپوڪس مين ”نيڊ پرائيس“ ۽ اسٽيٽ سيڪريٽري ”اينٽوني جي بلنڪن“ سڄو ڏينهن ان ڳڻتي ۾ هيا ته جيستائين پاڪستان افغانستان جي مدد نه ڪندو تيستائين خطي ۾ پائيدار امن نه ٿيندو.
ڇو ته آمريڪا جو اهو وهم هيو ته طالبان پهرين عام اليڪشن جو اعلان ڪندا، ڇو ته هنن جي انقلاب کي ماڻهو ائين يا ان صورت ڪيئن تسليم ڪندا، ٻيو ته اهڙي اليڪشن کي وري سڄي دنيا تسليم ڪندي، ڇو ته 39 سيڪڙو پختون انهن بچيل 61 سيڪڙو غيرپختونن کي پرچائي ويندا، انهن غيرطالبان کي جنهن جي مٿان اڃان تائين بمن، گولن ۽ جهيڙي جي هڻ هڻان لڳي پئي آ، يا ائين هجي هان ته هنن جي اسلامي انقلاب کي سڄو افغان عوام من ۽ عن تسليم ڪري هان ته پوءِ ڳالھ سمجهڻ جهڙي هئي، جي هنن کي حڪومت ئي ڪرڻي هئي ته ان کان اڳ جيڪي به سيٽ اپ هيا انهن ۾ گهري پون هان، سياست ڪن هان، پنهنجي اسلام کي مڃائن هان ان ۾ هنن جي لاءِ ڪهڙي ڳالھ ڳوري هئي، پر طالبان جي ۽ انهن جي آقا جي نيت اڃان ڪا ٻي هئي، يا جي طالبان کي ڪرسي ئي کپندي هئي ته اليڪشن ۾ رگنگ ڪرائي وٺي وڃن هان يا بيلٽ باڪس چينج ڪن هان (جيئن اسان وٽ جو ٿيندو آ) ڇو ته حڪومت ڪرڻ ۽ حڪومتن ۾ اچڻ جو رستو ته اهو هجي ٿو، پوءِ هنن ويھ سال ڇا جو انتظار ڪيو؟ جي هنن کي عام چونڊن وسيلي کٽڻو ۽ حڪومت ۾ اچڻو هيو ته پوءِ آمريڪا جو سهارو ڇو؟ اسلام جي نالي ۽ طالبان جي پنهبجي اثر ۽ سياسي ڏيٺ ويٺ ۾ ايتري به ڳالھ نه هئي جو اهي افغان عوام کي سنڀالي، ريجهائي ۽ پرچائي پنهنجي طرز سان مائل ڪري سگهن هان، ڀلا جي 20 سال آمريڪا افغان عوام ۽ طالبان کي ٽرلين ڊالر کارائي به پنهنجو نه ڪري سگهي پر پوءِ ويهن سالن ۾ هنن طالبان به ته ڪا پوک پچائي هوندي، پوءِ هنن کي اڃان ڊڄ ڇا جو هيو، يا انقلاب جون راهون جڏهن هموار هيون ۽ طالبان آسانيءَ سان سوڀارا ٿين هان، هاڻي پوءِ آمريڪا ڊرامو ٿي ڪري يا وري طالبان، يا اهي طالبان وري ان نائين اليون ۾ به هنن سان ٻٽ هيا، ڀلا ڏسجي ته دنيا ۾ جيڪي به انقلاب برپا ٿيندا رهيا آهن انهن جي اچڻ سان عوام ۾، ماڻهن ۾، عام خلق ۾ وڏو جوش، جذبو، ولولو، ايمانداري ۽ ايمان جو جُز هوندو آ، اها ٻي ڳالھ آ ته اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به تختا اونڌا ٿيا آهن اهي ڪڏهن فوجين جي حڪومتن جا تختا هجن جن ۾ اهي يارنهن يارنهن سال حڪومت ڪري ويا يا ڪي جهازن ۾ تباھ ٿي ويا يا ڪي آرام سان چونڊن جي رستي هارائي نڪري ويا پر اهي انقلاب نه هيا رڳو اندروني يا بيروني طاقتن جي آڌار تي اهي حڪومتون ۽ تختا اونڌا ٿيندا رهيا، پر انقلابن ۾ اتان جو عوام ڀڄي پاسو ناهي ڪندو، ڀلا جيئن ايراني انقلاب يا مائوزيتنگ جو انقلاب ڏسون جو انهن انقلاب پربا ڪرڻ جي لاءِ لانگ مارچ جو رستو اخيتار ڪيو، ۽ اوائلي لانگ مارچن ۾ چين جو اهو لانگ مارچ ئي ڏسڻ ۾ ٿو اچي جنهن ۾ هنن ملڪ ۾ انقلاب جو راهون هموار ڪيون جيڪو 1934 کان 1936 تائين مائوزي تونگ جي رهنمائي ۾ ٿيو هو، جيڪو دنيا جو پهريون انقلابي لانگ مارچ ليکيو ٿو وڃي جيڪو ڊگهي ۾ ڊگهو مارچ هيو، تاريخ ٻڌائي ٿي ته 6000 ميل معني 10000 ڪلوميٽر جي طويل پنڌ ڪري اهي ڪميونسٽ پارٽي جا ڪارڪن اوڀر چائينا کان اتر چائينا ڏي وڌندا ڪاهنيدا رياستي طاقتن سان ويڙهاند ڪندا مائوزي تونگ جا جوشيلا ڪارڪن وڌندا، چڙهندا، هلندا، ماڻهن کي گڏ ڪندا، جٿا ٺاهندا، 18 جبلن جون قطارون اورانگهيندا ۽ 24 نديون ۽ نهرون ٽپندا ترندا اچي پنهنجي منزل کي پڳا هيا جنهن جي ڪري ڪميونسٽ پارٽي جي اهڙي احتجاج ۾ چين جي نوجوانن جي وڏو تعداد شامل ٿيندو رهيو هو، جيڪي بالآخرڪامياب به ٿيا هيا، معني 1930 کان 1940 تائين اهو لانگ مارچ ۽ اهڙو احتجاج ٿيندو رهيو هو ۽ اهڙي طرح مائوزي تونگ پنهنجي انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو، پر هي ڪهڙو انقلاب هيو جنهن ۾ هنن سان سواءِ 70 هزار ماڻهن جي جيڪي هنن جا ويڙها هيا جيڪي سڄو ڏينهن جبلن، جيلن ۽ غارن ۾ گذاريندا هيا پوءِ هنن سان اسلام جي نالي ڪهڙو عوام گڏ هيو جيڪو الله اڪبر ڪري نڪري پئي هان، ڇو ته هنن جي اسلام سان، هنن جي انقلاب سان، هنن جي حڪومت سان ڀلا ڪنهن کي اختلاف ٿي سگهن ٿا، هنن ته ويھ سال آمريڪا جهڙي سپرپاور کي به ٽوٽا چٻايا، جو هنن کان عراق، ويٽنام ۽ ڪيوبا جهڙا ملڪ وسري ويا، پر ڳالھ اها به آهي ته آمريڪا جي ويھ سال ڪهڙا عزم، ارادا ۽ جنگي اسٽريٽجيون هيون، آمريڪا کي ڪرڻو ڇا هيو، ڪهڙي ڳالھ هئي جيڪا آمريڪا پوري ڪري هان، معني طالبان جا مائينڊ سيٽ مٽائي هان، نائين اليون جهڙي هٿراڌو حملي جو بدلو وٺي هان، طالبان کي پنهنجي طريقي سان سڌاري هان، طالبان جي لاءِ ماکي ۽ کير جون نهرون وهائي هان جيئن، تعليم، ترقي، علم ۽ عقل جا اڪابر پيدا ڪري هان، آئنسٽائين جو ٻج ڇٽي هان، ڪيئي سائنسدان پيدا ڪري هان، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، ادارا، ايجادون، يا ترقي جا لازوال سورج اڀاري هان، آمريڪا جي ايجنڊا ڪهڙي هئي (يا آهي) ڪرڻو ڇاهي جو آمريڪا جي ويھ سال جنگ نبري نه سگهي، نه کٽي سگهيا، ناڪام ٿي ويا، منهن ويڙهي وٺي ڀڳا، ۽ دنيا کي وائڙو ڪين ته هي ڇا ٿي ويو، آمريڪا ته افغانستان ۾ انهن طالبان جو صِدباب ڪري هان، انهن کي ماري مڃائي هان، جو هيڏانهن سي آءِ اي، آءِ ايس آءِ، نيٽو فورسز ۽ هيڏانهن ويچارا طالبان اڪيلا، بک، بدحالي، بڇڙائي، بيمارين ۽ ڏکن ڏولاون جو شڪار، نه ڌڻي نه سائين، نه ڪو اسرو نه آڌار، پوءِ اهي طالبان هنن کان زور ٿي ويا، پر ائين نه هيو هي ڄڻ پيءَ پٽ واري هٿن جي زور آزمائي هئي جو پيءُ پنهنجي پٽ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي هارائي ڇڏيندو آ ته جيئن پٽ اهو سمجهي ته مان زور آهيان يا سامهون ويٺل گهر ڀاتي ان ٻار کي ڏسي خوش ٿين، اصل ۾ ڳالھ رڳو هنن آمريڪا ۽ طالبان جي ڪيل اهڙي ڊرامي جي آ جنهن ۾ هنن به اهڙي زور آزمائي ڪئي جو دنيا ڏسي ته هي ڇا ٿا ڪن ۽ طالبان کي ڇا ڪرڻ کپندو هو، ان ڪري هاڻي به ساڳي انهيءَ ويھ سال پراڻي ڊرامي واري آ، آمريڪا ڪجھ به نه ڪندو، طالبان ۽ هنن جون قسطون ائين ئي هلنديون رهنديون باقي جيڪا بي چيني ۽ بي آرامي آمريڪا وٽ آهي جنهن جي ڪري هنن سي آءِ اي کي وري ميدان ۾ سرگرم ڪري ڇڏيو آ ته اهي وري لساني ۽ مذهبي انڊلٺ کي اڀارن ۽ خطي ۾ بي آرامي پيدا ٿئي، ڇو ته آمريڪا جي ريسسٽ اپروچ، گورا ڪريسي ۽ سپرميسي جي پالنا وري اتان به ظاهر آ ته ڪيئن آسٽريليا کي اڀاري ٿو ته هو اوشنيا ۾ ايٽمي طاقت ٿين، پاڻ ڏکڻ آمريڪا ۽ اتر آمريڪا کنڊ سنڀاليون ويٺو آ، يورپ ۾ برطانيا کي ڪنهن حد تائين برداشت ڪيون ويٺو آ (پر اتي جرمني، فرانس ۽ اٽلي جي وڏي زور آزمائي آ، ساڳي ڳالھ وري ايشيا م روس ۽ چين جي طاقتن کي سهي نه ٿو سگهي (ايران ۽ پاڪستان مڙئي نالي ماتر ايٽمي طاقتون رکيون ويٺا آهن اتي ڀارت جي طاقت وري غير مسلم ملڪ هضم ڪيون ويٺا آهن).
سبق ڪنهن سکيو يا طالبان ڪنهن کي سبق سيکاريندا؟ پر ڳالھ پڌري پَٽِ پئي آ، يا هاڻي آمريڪا کي اهو مغالطو يا وڏي ڳڻتي آ ته طالبان سڌري پون، ۽ آمريڪا جي حاڪمن ته گذريل سال جرمني ۾ هڪ ڪانفرنس به ڪوٺائي ته پاڪستان جو طالبان جي سڌارڻ ۾ آمريڪا کي ساٿ کپي ( پر اهي ئي ساڳا ئي نيٽو فورسز ۽ آمريڪا وارا هيا جن اپريل ۽ مئي 2020 ۾ پنهنجي فورسز جي انخلا کان پهرين پاڪستان تي زور وڌو هيو ته پاڪستان آمريڪا جو ساٿ ڏئي ۽ طالبان تي فوجي ايڪشن وٺي (پر اڏا ڪو نه گهريا هين) وري جنگ جو پاسو امن ڏي ڦري ويو، يا آمريڪا ڪڏهن به بحرين، عراق، ايران، شام ، لبنان، لبيا يا فلسطيني عوام لاءِ اهڙو سافٽ ڪارنر نه هيو جو اهي ڀلي اسرائيلن هٿان مارجن پيا پر بائيڊن اتي چپ آ، يا ان تناظر ۾ طالبان مسلمان ناهن، يا ڪشميري به طالبان مسلمان ناهن يا اهي افعاني طالبان مسلمان ناهن جن جي لاءِ آمريڪا وٽ ايڏو سافٽ ڪارنر آ، اهو ان ڪري ته انهن ۾ آمريڪا جو انٽريسٽ آ جيڪو عالم آشڪار آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں