روهڙي وٽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح انتهائي گهٽ ٿي وئي، پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو

روھڙي(رپورٽ:قمرالدين ميراڻي) سکر ۽ روهڙي جي مقام تي سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح انتهائي گهٽجي وئي آهي پبلڪ هيلٿ انتظاميه جي انتظام هيٺ شهرين کي سنڌو درياهه جي ڪناري تي قائم پراڻي واٽر ورڪس جي تلاءَ مان پاڻي پهچائڻ جو عمل سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي درياهه جو پاڻي سنڌو درياءَ مان واٽر سپلاءِ تلائن تائين پهچائڻ واريون پائيپ لائينن کان درياءَ جو پاڻي پھچ کان ھٽي ويو ۽ پائيپ لائين واري علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب درياهه ۾ وڇايل پائپ لائنون پاڻي جي فراهمي کي تلاءَ تائين پهچائڻ ۾ بُري طرح ناڪام ٿينديون نظر اچي رهيون آهن جنهن سبب واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ پاڻي ذخيرو نه ٿيڻ ۽ واٽر سپلاءِ جي تلائن مان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي بحال نه ٿيڻ ڪري شهر جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ايندڙ ڏينهن ۾ سخت متاثر ٿي سگهي ٿي بلڪي شهر جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ سان نه رڳو پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي پر شهر جي ڀرپاسي وارن ۽ ڪمرشل علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران به پيدا ٿي سگهي ٿو ٻئي طرف سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي ۽ واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ وڇايل پائيپ لائينن مان پاڻي ڇوڙ ٿيڻ باوجود پبلڪ هيلٿ انتظاميه سميت ڪنهن به ذميوار اداري جي اعليٰ عملدارن جي طرفان وقت کان اڳ پاڻي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ انتظام شروع نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جلد انتظام نه ٿيڻ سبب شهر ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جا شديد خدشا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں