ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏير وزير جي آرڪائيوو کاتي جي صلاحڪار طارق حسن پاران آرڪائيوو کاتي جي هيڊ آفيس جو جو دورو ڪيو ويو اتي موجود کاتي جي عملي سان ملاقاتون ڪيو ۽ کاتي متعلق بريفنگ ورتي . وڏي وزير جي آرڪائيوو کاتي بابت صلاحڪار طارق حسن ان موقعي تي سنڌ جي تاريخي ريڪارڊ ۽ مواد جنهن کي کاتي پاران پڻ صديون پڄاڻان دستاويزي سرڪاري ۽ تاريخي مواد کي محفوظ ڪيو ويو آھي جو پڻ جائزو ورتو . ان موقعي تي عملي پاران سنڌ جي رووينيو ريڪارڊ ۽ تاريخي دستاويزي ريڪارڊ جو به معائنو ڪرايو ويو. ان کان علاوه کاتي جي متعلق مختلف سيڪشنن جو به جائزو ورتو ۽ اتي موجود عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته سڀ کان پهريان سنڌ جو مڪمل نقشو ٺھرائي آفيس جي داخلي حصي ۾ لڳايو وڃي ته جيئن ايندڙ کي خبر پوي ته هتي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ متعلق تاريخي مواد جو پڻ ملي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تاريخ ۽ سرڪاري ريڪارڊ کي پڻ ڊجيٽلائيز سسٽم ۾ آڻي آن لائين ويب سائيٽ تي لنڪ ڪيو وڃي ته جيئن دنيا کي سنڌ جي تاريخ بابت سولائيء سان ڄاڻ ملي سگهي ۽ اسان جو نئون نسل به سولائيء سان ڊجيٽل سسٽم تحت تاريخي مواد ۽ ڄاڻ کان واقف حال ٿئي. ان موقعي تي وڏي وزير جي صلاحڪار طارق حسن سنڌ هسٽري پراجيڪٽ جي عملي سان به ملاقات ڪئي ۽ اتي موجوده پراجيڪٽ سربراه مدد علي سنڌي سنڌ جي تاريخي مواد متعلق صلاحڪار طارق حسن کي ڄاڻ ڏني ۽ ان موقعي تي مختلف ڪتابن جو تحفو به پيش ڪيو ،هوڏانهن ان موقعي تي صلاحڪار طارق حسن چيو ته کاتي جي زميواري عملي کي سرگرم ٿي سنڌ جي تاريخي دستاويزي ريڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ لاء ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جو دورو ڪري کاتي جي ريجنل آفيسن ۾ ٿيندڙ تاريخي مواد کي محفوظ ڪيل ڪم جو جائزو رتو ويندو ۽ وڌيڪ سنڌ جي سموري رتريخي ريڪارڊ کي سيٽرلائيزڊ ڪرڻ لاء تڪڙن بنيادن تي اپاء ورتا ويندا. ان موقعي تي هسٽري پراجيڪٽ جو سربراه مددعلي سنڌي ، ڊائريڪٽر آرڪائيوو عبدالفتح شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽرمخدوم ذوالفقار ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر رحمت الله ٻرڙڙو پڻ موجود هو.
