سڪرنڊ (ن س) صوفي شاعر حمل فقير لغاريءَ جي 148 هين عرس جي موقعي تي سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان عظيم الشان ملاکڙي جو پرگرام منعقد ڪيو ويو. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ڊي سي نوابشاه ۽ ملھ ايسوسيئيشن ايس بي اي جو صدر محمد ايوب لنڊ شريڪ ٿيا. ان موقعي هنن چيو ته ملھ راند سنڌ جي تهذيب جي سڃاڻپ آهي. سنڌ جا ملھ پهلوان سموري دنيا ۾ ملھ مقابلن ۾ زورآزمائي ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. ھنن ملاکڙي ۾ حصو وٺندڙ پهلوانن کي انعام پڻ ڏنا. ملاکڙي ۾ جن ملھ پهلوانن حصو ورتو انهن ۾ صاحب لنڊ، حضور بخش زرداري، اصغر چانڊيو، عظيم خاصخيلي، حمزو حجم، محمد چانڊيو، بختيار زرداري، محمد علي ڪيريو ۽ ٻين پهلوانيءَ جو مظاهرو ڪري ڏسندڙن کان خوب داد حاصل ڪيو.
