سڪرنڊ ۾ ڳوٺاڻن جو نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سڪرنڊ (ن س) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مراد ڪيريو جي رهواسي جمن لغاري، سندس گهرواري مسمات مريم ۽ ننهن ريشمان لغاري سان گڏ سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته محرم مهيني جي پهرين تاريخ تي رحم علي سندس پٽ واليڏنو ۽ سائينڏنو لغاري سڱاوتي تڪرار سبب رات جي وقت اسان جي گهر ۾ گهڙي منهنجي نوجوان پٽ بخت علي لغاري کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. هنن چيو ته پنج مهينا گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا. مقتول بخت علي جي گهرواري مسمات ريشمان چيو ته ظالمن منهنجي مڙس کي قتل ڪري مون سان وڏو ناحق ڪيو آهي منهنجو معصوم پٽ يتيم ٿي ويو آهي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کي اپيل ڪندي چيو ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں