شڪارپور(رپورٽ:عمران قريشي) اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ 3 مهينا اڳ قتل ٿي ويل مقتول سلمان پنهيار جي وارثن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب شڪارپور پهچي جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مقتول نينگر جي پيء محمد حنيف پنھيار، ماءُ مسمات ڀانا، ڀاء محمد انور پنھيار ۽ ٻين دانهيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي, منهنجي پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي. ھنن چيوته جوابدار با اثر هئڻ ڪري پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ بجاء اسان فريادن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائي رهي آهي. ھنن وڌيڪ دانهيدي چيوته اسان جو پٽ شام جي ٽائيم گھران نڪتو ته واپس نه آيو ۽ سندس جو لاش اناج منڊي ڀرسان قبرستان ۾ وڻ تي ٽنگيل مليو اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
