اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا، 2019ع وارو ڪرڪيٽ بورڊ جو آئين ختم ڪيو ويندو، 2019ع ۾ وزيراعظم جا ٻه نامزد ڪيل نالا به ختم ڪيا ويندا، ٽئين نوٽيفڪيشن ۾ 2014ع جو آئين بحال ڪيو ويندو ۽ چوٿين نوٽيفڪيشن ۾موجودا بورڊ کي هلائڻ لاءِ هڪ سيٽ اَپ جو اعلان ڪيو ويندو. نجم سيٺي رميز راجا جي جاءِ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين جون ذميواريون سنڀاليندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نجم سيٺي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
