ٽنڊو آدم: اسپورٽس گالا ۾ راندين جا دلچسپ مقابلا

ٽنڊوآدم( ن س ) گورنمنٽ سنڌي مين پرائمري اسڪول ٽنڊوآدم ۾ اسڪول جي هيڊماستر  لکاڏنوخاصخيلي پاران 2 روزه اسپورٽس گالا منعقد ڪيو ويو جنهن جو افتتاح ٽي اي او سيڪنڊري ( ميل ) علي اڪبر برهماڻي . ٽي اي او سيڪنڊري (فيميل ) علي محمد ڀاڻون . ٽي اي او پرائمري (ميل ) مختيار علي عمراڻي ڪيو شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ راندين جن ۾ فري ريس . ٿري ليگس ريس . رساڪشي گروپ ريس . ميوزيڪل چيئر اسپون ريس . پڪ پيپر هلاهوپ سميت ڪلاس چوٿين ۽ پنجين جي شاگردن وچ ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا ڪرايا ويا جڏهن ته دلچسپ مقابلو فائنل ميچ ۾ ٿيو جنھن ۾ استادن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو مقابلو گرين ٽيم ۽ بلو ٽيم ۾ ٿيو جنهن ۾ گرين ٽيم ڪامياب ٿي وئي ڪامياب ٽيم جو شاگردن سان فائنل مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ شاگردن جي ٽيم 4 اوورن ۾ 87 رنسون ٺاهي مخالف استادن جي ٽيم کي زبردست شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي ميچ ۾ شاگرد فراز خيبر کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو ڄاڻايل شاگرد کي اسڪول جي ھيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي . زاهد ميمڻ . دولت رام . تعليمي آفيسرن علي اڪبر برهماڻي . علي محمد ڀاڻون . مختيارعلي عمراڻي . سميت شاگردن شاگردياڻين پاران تاڙين ۽ نقد انعام ذريعي ڀرپور داد ڏنو ويو اهم مقابلن ۾ اسڪول جي استادن امتيازعلي خاصخيلي پراڻي رانديگر مختيارعلي عمراڻي . احسان علي شاھ . اياز بھڻ غلام مصطفي چانڊيو . محمداشرف شهريارخاصخيلي . عبدالحق پٺاڻ ۽ ٻين اسڪول جي استادن حصو ورتو ڪامياب ٽيم پاران اسڪول جي هيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ استادن سان گڏ جشن ملهايو ويو ڪامياب ٿيندڙ شاگردن شاگردياڻين استادن کي ٽرافيون ميڊل گلن جا هار پارايا ويا اسڪول جي استادن ۽ تعليم سان لاڳاپيل آفيسرن پاران اسڪول جي هيڊماستر لکاڏنوخاصخيلي کي زبردست مقابلا ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏني جڏهن ته غلام رسول ٻجورو پاران راندين جا مقابلا ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں