لاهور (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ جي ميمبرن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ وڏ وزارت ان جو حق آهي. پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ حمزا ۽ بلاول ڪو فرق ناهي، حمزا منهنجي لاءِ بلاول کان گهٽ ناهي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ ميمبرن جي انگ وڌيڪ آهي تنهنڪري پنجاب ۾ وڏ وزارت ان جو حق آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان خبرون اچي رهيون آهن ته اڳوڻي صدر پنجاب ۾ وڏ وزارت پيپلز پارٽي کي ڏيارڻ لاءِ سرگرم آهي ۽ پ پ جي حسن مرتضيٰ سميت ٽن ڄڻن جا نالا وڏ وزارت جي ڊوڙ ۾ شامل آهن، پر هاڻي انهن خبرن جي ترديد ٿي وئي آهي.
