لاهور ( بيورو) پنجاب ۾ سياسي بحران تيز ٿي ويو آهي. ڪالهه وڏي وزير پرويز الاهي گورنر جي مشوري تي اعتماد جو ووٽ نه ورتو، گورنر جا حڪم مڪمل نظرانداز ڪيا ويا. جنهن بعد صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو امڪان موجود آهي. جڏهن ته گورنر ڪنهن به وقت وڏي وزير پرويز الاهي کي وڏ وزارت تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري سگهي ٿو. ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ نون جي قيادت پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز کي جلد کان جلد ملڪ واپس ورڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جي سياست جي ڏينهون ڏينهن صوررتحال تبديل ٿي رهي آهي ۽ مسلم ليگ نواز جي قيادت پاران پنجاب جي اڳواڻي وڏي وزير حمزا شهباز کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ پاڪستان پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پارٽي ذريعن موجب اپوزيشن ليڊر صوبائي هن وقت پرڏيهه ويل آهي، کيس پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ لاءِ فوري طور وطن پهچڻ جو چيو ويو آهي. واضح رهي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو هوته چئن وڳي کانپوءِ پرويز الاهي وڏو وزير نه رهندو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته مزاحمت ڪئي وئي ته آئين کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گورنر راڄ لڳائڻ جي گنجائش موجود آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُالله صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف ڪجهه به ڪري وٺي پر هو آئين سان مزاحمت نٿي ڪري سگهي، گورنر جي مرضي آهي جڏهن به اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چئي. مان پنهنجي مرضي بيان نه پيو ڪريان پر آئين ڳالهه ڪري رهيو آهيان ۽ آئين ۾ لکيل آهي ته وڏو وزير اعتماد جو نه وٺندو ته اهو وڏو نه رهندو. هن چيو ته گورنر جڏهن چاهي وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن وڏو وزير اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهيو ته اهو آفيس نٿو سنڀالي سگهي. 4 وڳي تائين گورنر جو گهرايل اجلاس منعقد نه ٿيو ته وڏي وزير جي آفيس خالي قرار ڏني ويندي ۽ ڪابينه فوري طور تي ٽوڙي ويندي. راڻا ثناءُالله چيو ته نئين وڏي جي چونڊ تائين پرويز الاهي صرف روزاني جا معاملا اڪلائي سگهندو، وڏي وزير جي آفيس سيل ٿيڻ کان پوءِ پرويز الاهي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ايڊوائز نٿو ڏئي سگهي. جيڪڏهن هن مزاحمت ڪئي ته آئين کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گورنر راڄ لڳائڻ جي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته مان وزيراعليٰ هائوس کي سيل ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، وزيراعليٰ هائوس کي سيل ڪرڻ جو جواز به نٿو بڻجي. پنجاب جي نئين وڏي وزير جو فيصلو ن ليگ جي پارلياماني پارٽي ڪندي. ن ليگ جي امڪاني وڏي وزير بابت هن چيو ته امڪاني طور تي حمزه شهباز ئي اسان لاءِ وڏي وزير جو اميدوار آهي پر نئين صورتحال موجب پارلياماني پارٽي ئي حتمي فيصلو ڪندي. 4 وڳي اجلاس منعقد نه ٿيو ته سمجهيو ويندو ته اسپيڪر ڄاڻي واڻي گورنر جي ايڊوائس تي عمل نه ڪيو. گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس ڪارڪن گمراهي جي آخري حد تائين پهتل آهن. عمران خان جو بنيادي ايجنڊا ئي اهو آهي ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي. عدالتن کان عمران خان کي ڪوبه رليف نه ملندو. اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان علاوه هنن وٽ ڪو ٻيو حل نه آهي. نوازشريف سان هر مسئلي تي صلاح ورتي ويندي آهي.
