لاهور ( بيورو ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته گورنر پنجاب جي قدم غيرقانوني آهي، سمورن ادارن کي پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو. زمان پارڪ ۾ وڪيلن جي وفد سان گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته جيستائين رول آف لا نه هوندو ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي غلاميءَ مان نڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ انصاف جو نظام بحال ٿيڻ ۽ سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻو پوندو. هن هڪ ڀيرو وري الزام لڳائيندي چيو ته ملڪ جي موجودا معاشي صورتحال جو ذميوار جنرل باجوا آهي.جڏهن ته اسيمبليون ٽوڙڻ اسان جو آئيني حق آهي.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف خميس ڏينهن اڄ گورنر هائوس آڏو احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر ۽ فواد چوڌري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ گورنر هائوس ٻاهران ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ۽ چيئرمين عمران خان اهم خطاب ڪندو. هنن چيو ته ملڪي سياسي صورتحال جي بهتري لاءِ اڄ لاهور واسي پنجين وڳي گورنر هائوس آڏو گڏ ٿين. ٻئي طرف پنجاب ۾ نئون آئيني بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو، گورنر پنجاب ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر آمهون سامهون اچي ويا آهن. اسپيڪر سبطين خان گورنر بليغ الرحمان جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ ڏنل هدايت کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. ٻن صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته گورنر جا حڪم آئين جي ابتڙ آهن، ايوان جو اجلاس 23 آڪٽوبر 2022 کان جاري آهي، هاڻوڪو اجلاس ختم ٿيڻ تائين ڪو نئون اجلاس نه ٿو گهرائي سگهجي. ڪجهه آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ شام 4 وڳي تائين گورنر جي هدايت تحت وڏي وزير اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته وڏ وزارت وارو عهدو خالي ٿي ويندو.
