ڄامشورو(ڊ ر)پي ٽي الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڀٽ شاھ کان نڪتل پيادل سجاڳي مارچ ڄامشورو پهچي ويو جتي ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو جي استادن پاران آجيان ڪئي وئي، ۽ ڄامشورو پريس ڪلب پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو،پريس ڪانفرنس پي ٽي الف جي اڳواڻن استاد محمد علي شر حليم جهتيال، ڪريم بخش ميمڻ، عطا محمد ٻٻر، نوساد احمد ۽ ٻين چيو ته 2022 جي معاھدي ۽ ڪابينا ڪاميٽي جي رولز مطابق 24 فيبروري 2021 کان اپگريڏيش ڏني وڃي ۽ معاھدي مطابق سيڪش سيٽ جو 25 سيڪڙو SPST جون پوسٽون اپگريڊ ڪرڻ ۽ 10 سيڪڙو CPST جون سيٽون اپگريڊ ڪرڻ سنڌ جون پرائمري جو سيٽون سيڪنڊري سائيڊ زم ڪيو ويون آھن اھي پڻ واپسي پرائمري ۾ ڪيو وڃن اپگريڊيش جو ڪم جيڪي تعليم کاتي کان علاوه ٻين آفيسرن جھڙوڪ سي ايم او ۽ روينيون جي اي سي جي حوالي ڪيو ويو آھي انھن کي ڊسٽرڪٽ ڊائريڪٽر جي حوالي ڪيو وڃي وڌيڪ ھنن چيو ته مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته تحريڪ تيز ڪئي ويندي ٻئي صورت ۾ سڀن مطالبن جي مڃتا لاء پيدل مارچ ڪراچي پريس ڪلب تي پھچي پنھنجو احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرائيندا
