دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاه سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ڪاري موري، مراد چانڊيو ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري امدادي ڪمن جو جائزو ورتو، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر آفيس دادو جي دربار حال ۾ لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي . جتي ڊپٽي ڪمشنر دادو کيس لوڪل باڊيز اليڪشن جي تياري، امدادي ڪمن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ٻوڏ دوران متاثر ٿيل گھرن جي ٻيھر تعمير لاءِ کين سنڌ حڪومت جي پاليسي مطابق امداد فراھم ڪئي ويندي تہ جيئن اھي پنھنجي گھرن ۾ وري آباد ٿي سگھن،ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري ٻوڏ جي پاڻي وارن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ واري عمل ۾ تيزي آڻين ته جيئن اهي پنھنجا فصل پوکي سگھن ۽ کين اچڻ وڃڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ لوڪل باڊي اليڪشن صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي، گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ابواعلي ڀٽي ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو اسد علي کوسو ، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر دادو حبيب الله جوڻيجو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
