تلهار ڀرسان سومرا برادري جو پوليس زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو،ٽائرن کي باهه

تلھار( رپورٽ: علي رضا خواجه ) تلھار لڳ وسي عادل موري وٽ سومرا برادري جي ماڻھن پاران تلھار پوليس جي مبينا زيادتين خلاف مين تلھار  راڄوخاناڻي مين روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏيئي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي ، ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ، مظاھرين پاران تلھار پوليس خلاف سخت نعريبازي انھي موقعي تي مظاھرين ، نبي بخش سومرو ، حاجي موسا سومرو ،  عباس علي سومرو ، الياس سومرو ۽ ٻين  صحافين کي ٻڌايو ته تلھار پوليس جي اھلڪارن اسان جو جئيڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي  روز بنا سبب جي دڪانن  ۾  ڪاھ ڪيو اچن سڄي دڪان جي تلاشي ڪرڻ بعد ڪا به منشيات ھٿ نه اچڻ تي اسان کي ڌمڪيون داٻا ڏيئي روانو ٿيو وڃن ، اڄ اسان جي وسي عادل اسٽاپ تي پوليس بلاجواز اچي دڪانن جي تلاشي ڪئي  ڪا به منشيات ھٿ نه اچڻ باوجود به ڪجھ دڪاندارن تي تشدد به ڪيو ، انھن وڌيڪ چيو ته ڪجھ ڏينھن پھرين تلھار پوليس خود ھتي منشيات ڊيلر کي گٽڪي جي موڪل ڏيئي سرعام گٽڪو ھلائڻ جي اجازت  ڏني  ، منشيات جي موڪل به پوليس خود ڏي ٿي ۽ پوء خانا پوري لاء اسان غريب دڪاندارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا ھنن آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽  ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آھي ته تلھار پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي احتجاجي ڌرڻو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهڻ بعد پ پ پ اڳواڻ رئيس دانيال خان نظاماڻي پاران ڌرڻي واري جڳھ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ان موقعي تي رئيس دانيال خان نظاماڻي چيو ته هتان جا رهواسي اسان جا پنهنجا آهن کين ڪنهن به صورت اڪيلو نه ڇڏيو ويندو اگر آئنده پوليس هجي يا ڪوبه ماڻهو هجي توهان سان زيادتي يا ناجائزي ڪئي ته آئون پاڻ توهان سان گڏ ڪلهي سان گڏ ڪلهو ملائي بيهندس

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں