جيل جي ڪيسن کي ترجيح ڏني وڃي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ ڊسٽرڪٽ بار روم ۽ لائرس لائبريري لاڙڪاڻو جو افتتاح ڪيو. ڊسٽرڪٽ بار ۾ ڪوٺايل افتتاحي تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي جسٽس شمس الدين عباسي، جسٽس امجد علي سهتو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو سيد شرف الدين شاهه، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ صفدر علي غوري، جوائنٽ سيڪريٽري ستار هليو سميت هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ چيو ته اڄ مان پنهنجي ماڳ تي موٽي آيو آهيان، لاڙڪاڻو شهر ۽ لاڙڪاڻو بار منهنجي سڃاڻپ آهن، آءُ هن سڃاڻپ کان سواءِ اڌورو آهيان، آءُ سمجهان ٿو ته هن وقت آءُ جتي آهيان ان ۾ هن لاڙڪاڻو بار جو ڪنٽريوبيشن ۽ اسان جي سينيئر وڪيلن جو هٿ آهي جن اسان جي مختلف وقتن تي رهنمائي ڪئي انهن جو وڏو ۽ خاموش ڪردار آهي، ان وقت هتي هڪٻئي کان سکبو هو هڪٻئي کي سيکاربو هو، ان ڳالهه جي اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي ته هتان جي خاص طور تي سينيئر وڪيلن جون وڏيون مهربانيون آهن جن اسان جي رهنمائي ڪئي اهو سلسلو اڃان تائين جاري ۽ ساري آهي. گذريل مهيني اسان ڊي پي سي ڪئي جنهن ۾ 61 کان 62 ايڊيشنل سيشن ججن جا پروموشن ٿيا ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان ايڊيشنل سيشن ججن جي کوٽ پوري ڪئي آهي هاڻي سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ جتي جتي ايڊيشنل سيشن ججن جي ضرورت هوندي اتي ججن کي مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته سينيئر سول ججن جا به پروموشن رهيل آهن انهن پروموشن سان سنڌ جي عدالتي نظام ۾ 99.9 ججن جون خالي جايون ڀرجي وينديون ۽ وڪيلن کي اها به شڪايت نه رهندي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ جڊيشري ۾ سول جج کان وٺي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تائين نوجوان رت آهي ۽ نوجوان رت جا وڪيل آهن. هن چيو ته بئنچ ۽ بار کي اِهو ڏسڻ گهرجي ته اسان جي ڪوتاهي جي ڪري سائلين کي ته مشڪلاتون پيش نه ٿيون اچن ۽ اصل اسٽيڪ هولڊرن جي اسٽيڪ کي به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي، منهنجي وڪيلن کي مشورو آهي ته جيل جي ڪيسن کي ترجيح ڏني وڃي جيڪڏهن ڪو ماڻهو 10 سالن تائين قيد آهي ان کي خبر هوندي وڌيڪ عدالت جيڪو ان ڪيس جي باري ۾ فيصلو ڏئي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں