ھنڱورجا)ن س) جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنھل ساريو چيو آھي ته سنڌ جي وحدت تي وار ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔ وفاق پاران وڌيڪ صوبا ٺاھڻ لاء جوڙيل ڪاميٽي ۾ شامل سنڌ جي نمائندن کي گھرجي تي اھي ڪاميٽي تان فوري طور تي استعيفائون ڏين، جيڪڏھن سنڌ جي وحدت جي خلاف ڪابه سازش ٿي ته سنڌي ماڻھو ڪاميٽي جي ميمبرن جي نه رڳو گھرن جو گھيراء ڪندا پر انھن جي درن تي توا ٽنگي سخت ردعمل ظاھر ڪيو ويندو . پريس ڪلب ھنگورجا ۾ جسقم اڳواڻ مجيب ڀيلار .محسن ڀيلار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ لکين برسات متاثرين ھن وقت تائين درپدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن پر حڪمران دنيا جي مختلف ملڪن مان ساڍا 3سئو ارب روپيه کان وڌيڪ مليل امداد جي رقم به ڪرپشن ڪري پاڻ ھڙپ ڪري ويا آھن افسوس ته 28ڪروڙ روپين جو بادام پستا جو بل ڏيکاريو آهي ته برسات متاثرين کي کاراياوياآھن جيڪو مڪمل ڪوڙ آھي ۔ ھنن چيو ته آصف علي زرداري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن سان گڏ ڪيل پيئسن سان پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي خريد فروخت ۾ خرچ ڪري رھيو آھي ھنن چيو شھباز شريف خير پور ۾ برسات متاثرين سان ملڻ بدران پ پ پ جي وڏيرن جا مڇي جا تلاء ڏسي واپس ھليو ويو آھي ۽ غريب متاثرن جي ڪابه سار نه لڌي وئي ۔ ھنن چيوته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ کان پوءِ ٻاھرين امداد تي به ڌاڙو ھڻندڙ حڪمرانن کان قبر جو عذاب ۽ پڇاڻو به وسري ويو آھي ۔ سنڌ جي عوام کي غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ٿي پنھنجي ڌرتي، وسيلن ۽ حقن جي مالڪي لاء ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۔ ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين اڳواڻن ھنڱورجا جي سينئر صحافي فياض سولنگي سان سندس سس جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي ۔
