سپريم ڪورٽ طرفان علي گوهر مهر ۽ راجا مهر خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (بيورو) سپريم ڪورٽ گهوٽڪي ۾ وڪيل جي ڀائيٽي جي اغوا جَي الزام هيٺ سردار علي گوهر مهر ۽ علي نواز عرف راجا خان مهر سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سيد قمبر علي شاهه ڪاظمي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جو موقف اختيار ڪندي چيو ته سردار علي گوهر، راجا مهر ۽ ٻين سندس ڀائيٽي فدا عباس شاهه کي 2018 ع ۾ اغوا ڪرايو هو. درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي ته مغوي ڀائيٽي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. جنهن تي عدالت جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر ۽ ٻين تي اغوا جو ڪيس داخل نه ٿيڻ تي عدالت پوليس آفيسرز کان سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا ڪير ڪيس داخل ڪرائڻ ايندو آهي ته ان سان اهڙي قسم جو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي؟ سپريم ڪورٽ پوليس کي فوري طور ڪيس داخل ڪري مغوي کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوليس آفيسرز کي عملدرآمد رپورٽ جمع  ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں