پرويز الاهي وڏو وزير ناهي رهيو، هاڻي رڳو رسمي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻو آهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي ڪالهه اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ سبب وڏو وزير نه رهيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته گورنر پنجاب وڏي وزيرکي ڪالهه تائين اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چيو هو پر هن گذريل ڏينهن اعتماد جو ووٽ نه ورتو تنهنڪري آئين تحت پرويز الاهي هاڻي وڏو وزير ناهي رهيو، گورنر پنجاب طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي رڳو هڪ رسمي ڪارروائي رهيل آهي. هن چيو ته گورنر پنجاب آئين تحت پنهنجا اختيار استعمال ڪري رهيو آهي، جيئن گورنر پنجاب آرڊر جاري ڪندو ان تي عملدرآمد ڪرائينداسين، فيصلي تي عملدرآمد ٿيڻ جي صورت ۾ گورنر وفاقي حڪومت کي صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو چئي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته صدر وزيراعظم جي هدايت کانسواءِ ڪا به ڪارروائي نٿو ڪري سگهي، نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ گورنر کي شيڊول پڻ ڏيڻو پوندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪري ڇڏي آهي، نواز شريف جي ڏيهه واپسي لاءِ تاريخون ڏيڻ مناسب نٿا سمجهون، نواز شريف اسان جو قائد آهي هو جڏهن به وطن واپس ايندو ان جي تاريخ هو پاڻ ڏيندو پر اسان سندس آڌرڀاءُ جي ڀرپور تياري ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته گورنر هائوس ٻاهران پي ٽي آءِ وارن هنگامو ڪيو ته ان جو بندوبست ٿيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں