لاهور (بيورو) پي ڊي ايم ليگل ٽيم پنجاب جي گورنر بليخ الرحمان کي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي عهدي تان هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن موجب گورنر طرفان پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ نه ڪرڻ جا سبب سامهون اچي ويا آهن. ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود پي ڊي ايم کي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ ۾ سخت پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. گورنر طرفان نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جون مختلف حقيقتون سامهون اچي ويون آهن. پي ڊي ايم جي ليگل ٽيم پنجاب جي گورنر کي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي عهدي تان هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو. قانوني ماهرن جي راءِ موجب آئين تحت جيستائين پنجاب جو وڏو وزير اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان انڪار نٿو ڪري تيستائين نوٽيفڪيشن جاري نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ضروري قانوني طريقو اختيار نه ڪيو ويندو ۽ ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو ته عدالت وڏي وزير کي فوري طور تي رليف ڏئي ڇڏيندي. قانوني ماهرن تجويز ڏني آهي ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي رولنگ آئين جي ابتڙ آهي. پهريان ان کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو وڃي. آئيني ماهرن راءِ ڏني آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي ها ۽ ان ۾ وڏو وزير اعتماد جو ووٽ نه وٺي ها ته قصوروار وڏو وزير ئي هجي ها. اجلاس منعقد ناهي ٿيو ته ته وڏي وزير کي ڪيئن ڊي نوٽيفاءِ ڪري سگهجي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اسپيڪر خلاف قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي وڏي وزير خلاف نه. اهڙي صورتحال کان پوءِ پنجاب جي گورنر وڏي وزير کي عهدي تان هٽائڻ جي معاملي تي قانوني ماهرن کان وڌيڪ صلاح مشوري جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسپيڪر خلاف آئيني ۽ قانوني ڪارروائي تي غور جي لاءِ ليگي اڳواڻن سان صلاح مشورا جاري آهن.
