اياز ميلي جي شروعات ڀٽائي جي وائيءَ سان ڪئي وئي

حيدرآباد؛ اياز ميلي جي افتتاحي تقريب جي شروعات شاهه عبداللطيف جي وائي سان ڪئي وئي، ڀٽائي جي راڳين اسماعيل ميرجت، رحيم ڏنو، شفقت شاهه، انتظار خاصخيلي ۽ ٻين وائي پيش ڪئي.  اياز ميلي جي محفل اياز ۾ ستار نواز ريتيڪا، صوفي راڳي مانجهي فقير ۽ سندس سُنگ، شمون ٻائي، مظهر حسين، ذوالفقار علي، ديبا سحر، رضوان علي، آغا ثناءُ الله، شوڪت فقير، نذاڪت علي ۽ ماروي گروپ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، محفل اياز جو ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي هو، اياز ميلي ۾ نامياري رقاصه سهائي ابڙو رقص پيش ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں