قاري عبدالحڪيم گهانگهرو
ڪمايو کائو، پيئو ۽ مزا ماڻي زندگيءَ جو ڀرپور انجواءِ ڪيو، ڪنھن جو حق نه کائو، ڪنھن انسان کي ڪا تڪليف به نه ڏيو، محبت ڏيو، محبت وٺو، عبادت وقت پنھنجي مقدس عبادتگاهن ۾ آساني سان عبادت ڪيو، ڪا زوري زبردستي ناهي، غير ضروري تشريح جو نالو نشان به ڪٿي نظر نه آيو، مسجد ۾ خطبو اسلامي تاريخ جو تسلسل ۽ غير ضروري تشريح کان پاڪ، سياست تي پابندي لاڳو ۽ شھزادن جو حڪم لبيڪ، دبئي ۾ ٽن شھزادن جون تصويرون هر هنڌ نظر آيون، ها دبئي ۾ سڄي دنيا جو حسن نظر آيو، روڊن تي بهتر طريقي سان ٽريفڪ هلندي رهي، ڪنهن کي به ڪا تڪليف نه پهتي، پر اُن جي ابتڙ اسان وٽ جيئن ٽرالرن جا هارن ڪنهن جو ڌيان مٽائي ڇڏيندا آهن، ٽريفڪ سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذريو وڃن، دبئي ۾ هر ڪوئي پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ نظر آيو، صفائي وارا ٻهارو کڻي ڪم ڪري رهيا هئا، روڊ تي پاڻي هاري ڌوتو پئي ويو، هوٽل تي به صفائي سٿرائي جو به نظام بهتر نظر آيو، لوڪل گورنمينٽ جا ملازم کاڌن جا فوٽوز ڪڍي اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي رهيا هئا، کاڌي پيتي ۾ ڪا به ملاوٽ نظر نه آئي، سڀ جا سڀ تازا کاڌا ملي رهيا هئا، اسان جي سٿ جا پراڻا ساٿي سنڌ مان مزدوري لاءِ هتي پهتل هئا، جيڪي مزدوري ڪري هاڻي وڏا خوشحال ۽ ڪاروباري ٿي ويا آھن ۽ هتي اسان وٽ جنھن کي پيسو مليو ته پوءِ هُن جي نالي پويان رئيس، سردار توڙي وڏيرو ضرور لڳي ويندو، پر هُتي ڪجهه ائين ناهي، سڀ جا سڀ برابر ۽ هڪجهڙا آهن، دبئي ياترا دوران منهنجي پڳ مٽ يار حبيب جنهن دوستي جو فرض نڀائي آمريڪا کان ياترا ڪري سڀني دوستن کي ملائي سمورا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا، دوستي جي فرض ۽ رشتي جو ايمان تازو ڪرائي احساس محرومي واري گھٽيءَ مان ڄڻ تي سنگت ڪڍي ڇڏيو هو. واقعي دوستي هڪ عظيم رشتو آهي، حبيب جتي به هلي پيو، سڀني دوستن کي مخاطب ٿي مون لاءِ چوي پيو ته سنڌ ۾ منھنجي شھيد وڏي جي گھر کان پوءِ ڪجهه مقدس دوست مان قاري به هڪ آهي، جنھن جي ڪري آئون وري جلد دبئي آيو آهيان، هر هنڌ پروٽوڪول جو مرڪز مونکي پيش ڪيائين، هڪ پروگرام ۾ اکين مان لڙڪ تري آيا، ڀاءُ مھتاب ڏسي ورتو ۽ چيو ته قاري صاحب ڇا ٿيو آهي، مون وراڻيو، خوشي ۾ ڳوڙها ٿا نڪرن، هند سنڌ جا فنڪار گڏ ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي آهي، مون جڏھن ڏٺو جيئي سنڌ وارا گيت پئي هليا ته بيحد خوشي ٿي، علي گل ملاح کي به اُن اسٽيج تي ماڻهن کي کلائيندي ڏٺو، ڇا ته منظر هو، وري اُتي نزاڪت فقير به توکان ٿيندي ڌار، وائي پڙهي ته انڊيا جي سنڌين جي پوڙهن جي اکين مان نار وانگر پاڻي مون ڏسي پنهنجا ڳوڙها به روڪي نه سگهيس، اوچتو دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته شھيدن جو خون قاتل کي ضرور انجام تي پھچائيندو، خدا وٽ دير آهي پر انڌير ناهي، بهرحال روئڻ سان گڏ سڄي سڄي رات وڏا ٽھڪ مزا به ڏٺا، ادي شيرين کوکر جھڙي خوش مزاج سلڇڻين جنهن مان ڪافي گهڻو سکيو ۽ ڪافي خيال تبديل ٿيو، بهترين طبيعت جي صاف سٿري آزاد خيال پنھنجي جوھر ۾ پاڻ مدبر ڇوڪري، اهڙيون ڇوڪريون اسان جي معاشري ۾ نه هجڻ برابر آهن، سالن جون يادون ڪچھريون تازيون ٿيون، صبح ٿيڻ تائين ننڊ ئي نه اچي، رات ۾ 2. 2 ڀيرا بار بي ڪيو ۽ ماني هلندي رهي دبئي جا فروٽ به واهه جا هئا، جيڪي تازا هئا. سڄي ياترا دوران خواھش هئي ته قطرينا ڪيف ڏسان سچي ڳالهه اها آهي اها اسان جي ناقص سوچ هئي. دبئي ۾ گهمڻ دوران ڪو چوي ته هڪ هزار پنھنجي ليبر آهي، ڪو چوي ويئر هائوس، ڪو چوي اسٽور، ڪو چوي هوٽل، ڪو وري اسڪريپ جو ڪاروبار پيا ڪن، انهن سڀني سنڌي ڪاروباري شخصيتن کي حبيب ڀٽو هڪ پروگرام ۾ مخاطب ٿي چيو ادا دبئي ڪافي ڪونه اٿئو يورپ کان ٿيندا اڳتي وڌو دبئي ۾ ڪجهھ ڪونه اٿئو، مان اهو ٻڌي حيران ٿيس هي ڇا؟چيائين عرب سڳورا ڪاوڙجن 24 ڪلاڪ ملڪ بدر ڪريو ڇڏين، 50 سال گذاريو پوءِ به شهريت تي پابندي لڳي ويندي، سڄي عمر ڌاريا آهيو، آخر تائين پنھنجو ڪو نه ڪندو، آمريڪا ۾ 5 سالن دوران محنت سان گرين ڪارڊ مليو وڃي.
آمريڪا جي پاسپورٽ جي مون دبئي ۾ طاقت ڏٺي، ڪارڊ ڏيکارڻ سان وفاقي منسٽر کان وڌيڪ پروٽوڪول ۽ عزت ملي وڃي، سچي ڳالهه اها آهي ته منهنجي پاڪستان واري رپين واري پرس کي حبيب ايئن اڇلائي ڇڏيو، جيئن ڪنھن ڪيلي جي کل کي اڇلائي ڇڏجي، جتي ڊالر ۽ درهم جا نوٽ هلن اتي رپيا ڇا ڪندا. حبيب چيو ته ڪا شيءِ وٺڻي هجي ته هيترا درهم، بس پوءِ مون پنهنجي کيسي ۾ پيل ٻٽون واپسي وقت ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڀاليو هو، اياز مھتاب جھڙا سوين وڇڙيل ڀائر ويجھو ڪري ڏنا، سڄي عمر قرضي ڪري غلام بڻائي ڇڏيو، سنڌين جي محبت ٻڌي ڏسڻي ھجي ته دبئي گھمو، دبئي ۾ موجود هجڻ دوران مختلف پروگرامن لاءِ دعوتون مليون، آخرڪار آخري ڏينھن ۾ وقت گھٽ هجڻ ڪري دوستن جي دعوتن کان معذرت گھري، دبئي سفر گھمڻ جاري رهيو، سفر دوران حبيب ڀٽو سان ملڻ ۽ ڪچهري سان نئون جيئندان مليو، جتي حبيب جھڙا محبوب ڀائر هجن اتي دنيا کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي سگھجن ٿا، هتي وانگر قرآن تعليم کپائڻ کان هزار دفعا اڳڀرو ٿي وڌڻ ضروري آهي، هاڻي آئون ملائشيا جا خواب پيو ڏسان، رب گواهه آهي جيڪو طلبيو آهي، رب عطا ڪيو آهيم انسانن کي خدا طوفانن جا رخ مٽائڻ جي صلاحيت ڏني آهي، پنھنجو مقام ٺاھڻ خلوصي ۽ نيت سان شامل آهي، ڪو مسئلو ناهي، عنقريب وري سفر ٿيندو، قرآن پاڪ ۾ لکيل آهي منهنجي ڌرتي جو سفر جاري رکو پوءَ نعمتن جو شڪر ادا ڪيو آمين خوب انجواءِ ڪيو، جيڪڏهن دنيا سان مقابلو ڪرڻو آهي ته فرسوده ۽ ننڍ وڏائي واري سوچن مان نڪري اولاد کي سبق نمبر پھريون ۽ گرامر مان ڪڍي انگلش ڪتاب پڙھڻ گھرجن، دنيا جو تقريبن نئون علم ايجاد انگلش ڪتابن سان لاڳاپيل آهي، انگلش ڪتاب پڙھڻ سان وڏو سفر آسان ٿي پوندو آهي، سمجھو دنيا جي مادري زبان انگلش آهي، ان کان سواءِعلم اڌورو آهي، هنرمند ماڻھو جو واسطو هجي ته اُهو ٻاهر نڪري وڃي، نوجوان ايس پي ۽ ڊي سي واري غلام سوچ کان ٻاهر نڪري، هنرمند ماڻھو جو دنيا ۾ وڏو اسڪوپ آهي، خاندان مان هڪڙو ماڻھون قرباني ڏئي سڄو خاندان بهتر ڪري سگهي ٿو، سٺي سوچ وارا ماڻھون پورو قبيلو سڌاري سگھن ٿا، قبيلو سڌريو ته سنڌ جي تقدير بدلجي سگھجي ٿي، سنڌين کي دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪلهو ڪلهي سان ملهائي بيهڻو پوندو، نوجوانو ڪا گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي، اٿو توهان جا ڀائر اڳيان ويٺا آهن، گھر کان ٻاهر نڪرو،جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو آهي ته هتان کان دبئي، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن نڪرو، سڄي دنيان توهان جو استقبال ڪندي، گهر ۾ ويھڻ کان بهتر هنرمند ٿي سنڌ جو نالو روشن ڪري پنھنجي پيرن تي بيھو.
