بدين (ڊ ر) ھاء وي ورڪرز يونين جي طرفان مطالبن جي مڃتا لاء ھاء وي آفيس جي سامھون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ھن موقعي تي اڳواڻن عبدالرزاق ابڙينگ جمن خاصخيلي مير احمد چانڊيو عمران خاصخيلي علي نواز کوسو چيو ته ھاء وي کاتي جي ملازمن جا جائز مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن جن م سن ڪوٽا يوٽيلٽي الائونس گروپ انشورنس ء ٻيا مطالبا شامل آھن ھنن چيو ته پنجاب ء ٻين صوبن م ملازمن کي آھي سھوليتون مليل آهن پر سنڌ جي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ھنن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ھاء وي کاتي جي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري ملازمن مان بي چيني کي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ م احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻا هنيا ويندا
