سامارو ۾ مچ ڪچهري، سگهڙن ۽ شاعرن واهه واهه ڪرائي ڇڏي

سامارو(ن س)سامارو ڪميونٽي گروپ سامارو پاران سگهڙ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، مچ ڪچهري ۾ ڀلوڙ سگهڙن سميت مقامي فنڪارن،شاعرن، اديبن جي شرڪت، سامارو لڳ ڳوٺ جان محمد شاهاڻي ۾ سماجي اداري سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام عمرڪوٽ جي سهڪار سان ڪميونٽي گروپ سامارو پاران سگهڙ ڪچهري ڪوٺائي وئي، سگهڙ مچ ڪچهري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو اياز مشوري، ايس ايڇ او سامارو اصغر سيلرو سميت سياسي، سماجي، صحافتي ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.سگهڙ ڪچهري ۾ لاڙ پَٽ جي مشهور سگهڙ محمد صالح احمداڻي سان گڏ احمد خان سنجراڻي، فنڪار غلام حيدر ڪپري، شاعرن لال ساماروي، وسيم حيدر کوسو، حساس نور خاصخيلي، ھر لال امر ۽ ٻين ڳجھارتون، شاعري، ڪلام، ڏور، بيت ۽ سمورا ثقافتي رنگ پيش ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو اياز حسين مشوري پنهنجي نڪور شاعري ۽ نظم پوسٽ مارٽم ٻڌائي واه واه ڪرائي ڇڏي. سگھڙ مچ ڪچهري جي ميذبان ناز فقير محمد شاهاڻي آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ھھڙيون ڪچهريون ڪرڻ جو مقصد اسان جي نوجوان نسل کي ڪچھرين ڏانھن راغب ڪرڻ جي ڪوشش آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں