سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران شاھ لطيف جي “سُر ليلان چنيسر” تي فڪري ويهڪ

ڪراچي (پ ر) سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران ڪالھ سنڌ جي عظيم قومي ۽ بين الاقوامي شاعر، مفڪر ۽ سوشل سائنٽسٽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سُر ليلان چنيسر“ تي پندرھين فڪري ويھڪ سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي ريسرچ ايسوسيئيٽس سارنگ جويي ۽ امين جويي جي ميزبانيءَ ۾ سنڌ اڀياس اڪيڊمي، زيبسٽ يونيورسٽي، ڪلفٽن، ڪراچيءَ ۾ ڪئي وئي. ھن ويھڪ ۾ شرڪت ڪندڙ شاھ لطيف جي فڪر جي شاگردن، اسڪالرن ۽ ليکڪن ڳالھائيندي چيو تہ، ”شاھ لطيف  ”سُر ليلان چنيسر“ ذريعي اھو ٻُڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ، لالچ ۽ لوڀ اھڙيون تہ خطرناڪ ۽ خراب شيون آھن، جن جي چڪر ۾ ڦاسي اسان پنھنجو مقصد، پنھنجي منزل ۽ پنھنجو رھنما بہ وڃائي ٿا ويھون، ان ڪري پنھنجي مقصد، منزل ۽ اڳواڻ يا رھبر سان سچي محبت ڪندڙ اھو ھوندو آھي، جيڪو ڪڏھن بہ لالچ ۽ لوڀ تي نہ ھرکندو آھي، جيڪڏھن ان کان اھڙي غلطي ٿي ويندي آھي، ته وڏائي ان ۾ آھي تہ ان غلطيءَ کي تسليم ڪري ان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ پاڻ ۾ انڪساري، نھٺائي پيدا ڪجي ته پوءِ ئي ان جو درمان ٿي سگھي ٿو ۽ ھو ٻيھر پنھنجو مقصد، منزل ۽ رھنما يا محبوب ماڻي سگھي ٿو، ڇو ته سچو رھنما يا محبوب سچائي، سادگي ۽ ڪمٽمينٽ کي پسند ڪندو آھي.“ ھن فڪري ويھڪ ۾ ڊاڪٽر مظھر ڏوتيو، ڊاڪٽر عابدہ گھانگھرو، سيما عباسي، شھربانو ڪاڪا، ايڊووڪيٽ تنوير ابڙو، اظھر ٻانڀڻ، امين جويو، سناگر جاگيراڻي، سارنگ جويو، اميت لوھاڻو شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں