حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قومي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو اٺون اياز ميلو شروع ٿي ويو، ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه، نورالهدي شاهه، نامياري صحافڻ ۽ تجزيا نگار عاصمه شيرازي ۽ ٻين سان گڏ ڪيو. اياز ميلي جي افتتاحي تقريب ۾ مقررن شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته رياست جو ملڪ ۾ شامل قومن ۽ ادب سان رويو بهتر ناهي، پاڪستان جي اسيمبلين ۾ موجود نمائندا به ترقي پسند، روشن خيال ۽ فڪري ڳالهه نٿا ٻڌن، رياست ٽيڪس وصول ڪري ٿي ان جي ذميواري آهي ته اها قومن جي ٻولين ۽ ثقافت لاءِ ڪم ڪري، حڪمران اڄ جي دور ۾ به سنڌي ٻوليءَ کان انڪاري آهن، سنڌ ٻڏي وئي آهي، ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن ۽ اسان جن ماڻهن کي قوم چوندا آهيون ان قوم جي ماڻهن جي مٿي تي ڇت ناهي رهي. ان موقعي تي ثقافت، سياحت ۽ تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڌرتي کي ماتا يا ماءُ چوڻ جو تصور واديءَ سنڌ مان آيو آهي، شاهه لطيف هن ڌرتي کي ماءُ تصور ڪيو، شاهه لطيف ۽ شيخ اياز يونيورسل ۽ آفاقي تخليقڪار آهن، شيخ اياز شاهه لطيف جو تسلسل آهي، شاهه لطيف جنهن حسين سنڌ جو خواب ڏٺو، شاهه لطيف فارسي جي گلن ۽ گلذارن کي ڇڏي ڌرتي جي ڪردارن ۽ ماروئڙن کي ڳايو، شاهه لطيف فارسي کان پري ٿي پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان گڏ بيٺو رهيو، لطيف سنڌ سان گڏ سڄي دنيا جي خوشحالي ۽ ترقي جو تصور ڏنو، جيڪا اونرشپ لطيف ۾ هئي اها ساڳي اونرشپ شيخ اياز ۾ هئي، شيخ اياز انگريز دور جي پڇاڻي ۽ ورهاڱو ڏٺو، شيخ اياز انهن ماڻهن کي هتان ويندي اکين سان ڏٺو جن هتي ادارا ۽ اسپتالون ٺاهيون، سنڌ کي ڪيترن ئي حوالي سان خوشنصيت خطو سمجهون ٿا، پر اتي اسان پاڻ کي بدنصيب به سمجهون ٿا، انگريزن سنڌ کي آزاد وطن مان بدلائي هڪ ڪمشنري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اهو سنڌ جي بدقسمتي وارو دور آهي. هن چيو ته محروميون تخليق جون مائون هونديون آهن جن شيخ اياز کي جنم ڏنو. هن چيو ته پنجاب ۾ پنجابين اردو اڳيان سرينڊر ڪري ڇڏيو، پر اسان نه صرف سنڌي ٻولي جو دامن پڪڙي بيٺا آهيون اتي اسان اردو کي به ناهي ڇڏيو، پنجابي سميت سمورين قومي ٻولي سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جو جگر ۽ دل وڏو آهي. هن چيو ته مون چيو هو ته آئون ڪولهي ٿيڻ جي لاءِ تيار آهيان، اسان جا وڏا ته امير تيمور سان گڏ سنڌ تي حملو ڪري آيا هئا، پر منهنجي مٿان تنقيد ڪئي وئي ته سيد ٿي ڪولهي ٿيڻ چاهيان ٿو، پر آئون ته ان لڏپلاڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هوس. سنڌ جي نامياري ليکڪه، ڊراما نويس ۽ شاعر نورالهدي شاهه چيو ته هن ميلي ۾ ڀائر ڀينرن سان گڏ اچن ۽ جهومندا پيا آهن، جيڪو سماج جو انقلاب آهي، عورتن جي لاءِ روز نيون رڪاوٽون وجهڻ هاڻ کل جوڳيون لڳن ٿيون. هن چيو ته سنڌ جي حوالي سان منهنجي دل ڏاڍي اداس آهي، سنڌ جيڪا ٻڏي وئي آهي، ماڻهو دربدر ٿي ويا، اسان جن ماڻهن کي قوم چوندا آهيون ان قوم جو حال ڏسو ته ڇا آهن، ماڻهن جي مٿي تي ڇت ناهي. هن چيو ته اسان نوجوانن کي سردارن کي پڳ پڌرائڻ واري تقريب ۾ نچندي نظر ايندا آهن، نوجوان سردارن ۽ وڏيرن جي چڪرن ۾ آهن، هاڻ وري نئون چڪر ٿي پيو آهي آهي ته ماڻهو پنهنجا حسب نسب ٻڌائيندا ٿا وتن، جن کي اسان نج سنڌي سمجهندا هئاسين، اسان ته هن مٽيءَ جا ماڻهو آهيون. هن چيو ته شيخ اياز کان اڳ شاهه لطيف اسان کي هن ڌرتي سان عشق ۽ رومانس سيکاريو، ساڳي طرح اياز به ڌرتي سان عشق ۽ رومانس سيکارڻ وارو شاعر هو، اهو ئي سبب آهي ته سنڌي شاعر جڏهن به سنڌ جي باري ۾ لکي ٿو ته ان کي ماءُ يا محبوبه سان ڀيٽي ٿو، شاهه لطيف عشق حقيقي ۾ پنهنجي محبوب کي تشبيهه ڌرتي سان عشق سان ڏي ٿو. هن چيو ته شيخ اياز سنڌي ادب ۽ شاعر کي جڪڙي ڇڏيو آهي، شيخ اياز سنڌي ۾ شاعري نه ڪري ها ته سنڌي ادب نه هجي ها، اهو ئي سبب آهي ته هاڻ ڪو به سنڌ ڄائو شاعر ۽ اديب پنهنجي بقاءَ چاهي ٿو ته ان کي سنڌي ۾ شاعري ڪرڻي پوندي، نسلسلن کي سنڌي ٻولي کي بچائڻ جي لاءِ اتساهڻ جو ڪريڊٽ اياز ڏانهن وڃي ٿو. بلوچستان سان تعلق رکندڙ نامياري ترقي پسند دانشور شاهه محمد مري چيو ته بلوچستان وادين جو ڪنفيڊريشن آهي، شيخ اياز انهن وادين جي مهردار جبل جهڙو ماڻهو هو، هن جي شاعري ان جبل جي چوٽي جهڙي آهي، شيخ اياز کي ڪجهه منٽن ۾ ڳالهائڻ ان جي فڪري پوئلڳن جي لاءِ ڏکيو آهي، شيخ اياز ڌرتي سان ڪميٽيڊ شاعر هو، شيخ اياز هڪ ٻن صنفن ۾ شاعري ناهي ڪئي، هن نظم، گيت، وائي، عزل، دوها ۽ هائڪا لکيا، شيخ اياز جماليات پرست نه هو، هن پنهنجي شاعري سنڌ جي سرزمين سان جوڙي رکيو، اياز جو ڪمال آهي ته آرٽ، جماليات ۽ رومانيات کي هڪ گهاٽ تي گڏائيي رکيو، اياز سٺو شاعر، موسيقي ۽ رقص سناش هو، اياز جي سوچ ٻيا به ڪيترائي اياز پيدا ڪيا هوندا، وڏو ماڻهو بيشمار ماڻهو پيدا ڪندو آهي، سنڌ جو لکيو ويندڙ ترقي پسند هن خطي جو سڀ کان وڌيڪ جاندار ادب آهي، شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر کي ٻين ٻولين ۾ ترجمي ۽ گلوڪارن کان ڳارائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اياز جو زمانو هلچل وارو هو، ملڪ ۾ مارشلا ۽ سياسي نظرين تي پابندي جو دور هو، اياز جي شاعري تي ايوب جي مارشلا ۽ ون يونٽ جهڙن قدمن وڏا اثر ڇڏيا، ان دور ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مقصد نالن کي سابق سڏيو ويو، ون يونٽ جهڙي ڪاري دور ۾ بلوچستان کي گل خان نصير جهڙو هيرو ۽ سنڌ کي شيخ اياز مليو. هن چيو ته هن ملڪ جي محڪوم قومن جون ٽي نظرياتي ڌارائون نيشلزم، سوشلزم ۽ سيڪيولرزم رهيون آهن، 47ع کان هي رياست ملڪ جي قديم ٻولين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، شيخ اياز جي سياسي افڪار تي ڪتاب مرتب ڪيو وڃي، ٽڙيل پکڙيل ادبي تنظيمن کي هڪٻئي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، اياز جا هر جڳهه تي ڏينهن ملهائڻ گهرجن، دانشورن جي پذيرائي رياست جو ڪم آهي، اسان ٽيڪس ان ڪري ڏيون ٿا ته رياست اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ جي لاءِ ڪم ڪري.
