سينيٽري ورڪرز جون نوڪريون سڀني لاءِ کليل رکيون وڃن:چيلارام

ٿاڻوبولاخان( پ – ر ) نيشنل منارٽي ڪميشن آف پاڪستان جو 17 هون اجلاس چيئرمين منارٽي  ڪميشن پاڪستان چيلارام ڪيولاڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽريز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.نيشنل منارٽي ڪميشن پاڪستان جي ميمبرن ڊاڪٽر ساره صفدر، روشن خورشيد بروچا، وشنو راجا قوي، دائود شاهه، لياقت قيصر سميت البرٽ ڊيوڊ ۽ ڊاڪٽر جيپال چابريا زوم ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل منارٽي ڪميشن جي چيئرمين چيلارام ڪيولاڻي ۽ ٻين ميمبرن اقليتن جي مختلف مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ۽ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف جو ٿورا مڃيندي چيو ته قومي ڪميشن فار مائنٽيز آف پاڪستان جو ايڪٽ جلد کان جلد پارليامينٽ ۾ آندو ويندو. اجلاس ۾ چيلارام ڪيولاڻي ۽ ٻين ميمبرن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته حڪومت پاران سينيٽري ورڪرز جي نوڪرين واري اشتهار ۾ لکيو وڃي ٿو ته اقليتي برادري جا ماڻهو درخواستون موڪلين، جنهن تي اقليتي برادري جي دل ڏکائي آهي. سينيٽري ورڪرز جي نوڪرين لاء صرف اقليتي برادرين کي درخواستون ڏيڻ لاء ڇو چيو وڃي ٿو سينيٽري ورڪرز جون نوڪريون سڀنين لاء کليل رکيون وڃن چيلارام ڪيولاڻي ۽ ٻين اھو پڻ چيو ته  تعليم کاتي جا آفيسر اقليتي تھوارن کي نظر ۾ رکندي امتحان منعقد ڪري امتحان ورتا وڃن صحيح شيڊول نه ھجڻ ۽ اقليتي تھوارن دوران امتحان وٺڻ ۾ ٻارن سان گڏ ان جا مائٽ به ڊسٽرپ ٿين ٿا اجلاس ۾ ٻين اقليتي مسئلن تي به غور ويچار ڪيو ويو ۽ انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.آخر ۾ چيئرمين نيشنل منارٽي ڪميشن  آف پاڪستان چيلا رام ڪيولاڻي ۽ اين سي ايم جي ميمبرن سڄي ملڪ جي مسيحي برادري کي حضرت عيسيٰ مسيح جي ولادت تي مبارڪباد ڏني.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں