شھدادڪوٽ ڀرسان ڄاڃين جي بس روڊ ٽٽل هئڻ سبب برسات جي پاڻيءَ ۾ ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت، 30 ڄڻا زخمي

شھدادڪوٽ (رپورٽ: جاويد اختر ڪمبوھه) شھدادڪوٽ ڀرسان ڄاڃين جي بس ٽٽل روڊ جي ڪٽ واري ھنڌان ٻوڏ جي بيٺل پاڻيءَ ۾ اونڌي ٿيڻ ڪري 5 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. واقعو سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ولي محمد ڀٽي وٽان پيش آيو. رستو خراب ھجڻ ڪري ھيٺان ۽ مٿان ماڻهن سان ڀريل بس مان مردن کي لاٿو ويو هو ۽ رڳو عورتون توڙي ٻار سوار هئا پر بدقسمتي سان بس پار نه ٿي سگهي ۽ اونڌي ٿي پئي جنهن سبب ڪيترائي سوار ڄاڃي بس ھيٺان دٻجي ويا. حادثي بعد ھر پاسي دانھون ۽ ڪيھاٽ پئجي ويا. شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. فوت ٿيلن ۾ 30 سالن جي عورت گوھر خاتون زال لاجواب چانڊيو به شامل ھئي جيڪا ڪنوار جي امڙ ھئي. فوت ٿيل 5 ٻارڙن ۾ 9 مھينن جو احمد رضا، 10 ورھين جو ڪاشف گرگيج، پنج ورھين جو يونس چانڊيو، چئن ورهين جا فھيم چانڊيو ۽ سليمان جتوئي شامل ھئا. جڏھن ته 30 کان وڌيڪ ڄاڃي زخمي ٿي پيا جن کي ميروخان ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حادثي جو شڪار ڄاڃي شادي بعد واپس سکر وڃي رهيا هئا. حادثي جو اطلاع ملڻ باوجود پنجن ڪلاڪن تائين ڪو به انتظامي عملدار واقعي واري هنڌ نه پھتو ۽ امدادي ڪارروايون وقت سر شروع نه ڪرڻ ڪري فوتگين ۾ اضافو ٿيو ۽ اڃا تائين وڌيڪ فوتگين جو خدشو برقرار آهي. رات ٿي وڃڻ تائين اونڌي ٿيل بس کي سنئون نه ڪرايو ويو هو ۽ ان ھيٺان دٻيل ڄاڃين جي موجودگيءَ جا اطلاع ھئا. ڄاڃين جي وارثن بس کي سئون ڪرائڻ لاءِ ڳري مشينري 20 ھزار خرچ ڪري گهرائي ورتي هئي جنهن بعد شام جي وقت ڊپٽي ڪمشنر پھچي مشين لاءِ ڊيزل مھيا ڪري ڏنو پر اھو ٿوري مقدار ۾ ھئڻ ڪري جلد ئي ختم ٿي ويو جنهن بعد ڄاڃين جي وارثن پاڻ ڊيزل گهرائي ورتو ھئو. ٻئي پاسي ميروخان اسپتال منتقل ڪيل زخمين جو مناسب علاج نه ٿي سگهيو جتي وارثن ڊاڪٽرن خلاف احتجاج ڪيو. ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو پھچي وارثن کي بھتر علاج جي خاطري ڪرائي. ھوڏانھن ڄاڃين جو چوڻ هو ته جتي بس اونڌي ٿي اھو روڊ وارو ھنڌ 70 فوٽن تائين خراب آهي جيڪو ٻوڏ کانپوءِ تعمير نه ڪرايو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں