صالح پٽ(ن س) صالح پٽ سٽي جي رهواسي پيرسن محمد بخش منگي ۽ سندس گهر واري جو سندس ئي ڄاٽي علي ڏنو منگي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد بخش منگي ۽ سندس واري چيو ته اسان نياڻو سمجهي علي ڏنو منگي کي گهر ۾ رهڻ لاءِ عارضي جاءِ ڏني هئي ۽ هاڻي اسان کي بيدخل ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي گهر تي قبضو ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن اسان وٽ ڪجهه هٿياربند وٺي اسان کي مارئي رهيو هيو ته اسان جي رڙين تي پاڙيسري نويد منگي ڀڄي آيو ته ان کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيائين ۽ اسان کي هاڻي جان جو خطرو آهي ۽اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ چاهي ٿو. اسان ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيون ٿا اسان جي انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي
