لاهور (بيورو) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي عهدي تي بحال ڪرڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ کي اسيمبلي نه ٽوڙڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ کيس وڏي وزير طور بحال ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي گورنر طرفان وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٻئي وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ڪئي ته پرويز الاهي بحال ڪرڻ تي اسيمبلي نه ٽوڙڻ جي خاطري ڪرائي. پرويز الاهي جي وڪيل علي ظفر سندس انڊر ٽيڪنگ پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته جيڪڏهن وڏ وزارت تي بحال ڪيو ويو اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس نه ڏيندس. ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي کي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس عابد عزيز شيخ سوال ڪيو ته جيڪڏهن اسان هاڻ وڏي وزير کي بحال ڪري ڇڏيون ته ڇا توهان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندئو؟ اهو معاملو ته منظور وٽو ڪيس ۾ به آيو هو. عدالت پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان انڊر ٽيڪنگ ڏئي سگهو ٿا ته اسيمبلي نه ٽٽندي؟ ان تي علي ظفر چيو ته بي اعتمادي رٿ اچڻ کانپوءِ اسيمبلي نٿي ٽٽي سگهي. عدالت ۾ معزز جج ريمارڪس ڏنا ته بي اعتمادي ته واپس ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن توهان اسيمبلي ٽوڙيندئو ته پوءِ اها پٽيشن غير اثرائتي ٿي ويندي ۽ نئون بحران پيدا ٿيندو. عدالت ٻڌڻي ۾ وقفو ڪندي بئريسٽر علي ظفر کي چيو ته اسان 10 منٽن جو وقت ڏئي رهيا آهيون، توهان پنهنجي اصيل کان هدايتون وٺو. پوءِ ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته علي ظفر عدالت کي ٻڌايو اڃا انڊر ٽيڪنگ لاءِ وقت گهربل آهي، عدالت وڏي وزير کي بحال ڪري پاڻ اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. جسٽس عاصم حفيظ ريمارڪس ڏنا ائين ته عدالت عبوري رليف نه ڏئي سگهندي، اسان وڏي وزير جي اسيمبلي ٽوڙڻ جي آئيني اختيار کي ڪيئن ٿا روڪي سگهون. عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان توهان کي هدايتون وٺڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ڪلاڪ جو وقت ڏئي رهيا آهيون.
