لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو مهانگائي ۽ بدامني خلاف ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن پاڪستان پاران مهانگائي، بدامني، ٻيڙي مزدور يونين جي اڳواڻ نظام الدين عرف نزاڪت ڪلهوڙو جي اغوا سميت ٻين مسئلن جي خلاف ليبر هال لاهوري ريگيوليٽر وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن قادر ڪرد، گل ڪورائي، بخت سولنگي، ڪامريڊ رئوف ڪورائي، عاشق شيخ، فاروق سولنگي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو مهانگائي جي ڪري پورهيت طبقو سخت پريشان آهي، تازو فصل لهڻ باوجود اٽو مهانگو آهي ۽ واپارين طرفان کاڌ خوراڪ توڙي عام واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري غريب ۽ پورهيت طبقي کان ٻن ويلن جي ماني کسي کين بک، بدحالي جي ور چاڙهيو ويو آهي. هنن چيو ته برساتن لکين ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيو هن وقت به متاثر روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن. هنن چيو ته سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري عام زندگي مفلوج بڻيل آهي. هنن چيو ته تعليمي بورڊ طرفان شاگردن کان ڳري فيون وٺي شاگردن کي پرشان ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته 10 ڏينهن اڳ ٻيڙي مزدور اڳواڻ نظام الدين عرف نزاڪت ڪلهوڙو کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو جيڪو بازياب نه ٿي سگهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي، بدامني، گيس جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪري اغوا ٿيل نظام الدين عرف نزاڪت ڪلهوڙو کي بازياب ڪرايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں