ملير(ڊ.ر) ملير يونين ڪائونسل 6 گڏاپ جي علائقي ڪوهي ڳوٺ ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ڪري علائقي واسين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي علائقي واسين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بلا جواز گذريل ٽن ڏينهن کان علائقي جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، بجلي نه هجڻ ڪري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، علائقي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مظاهرين چيوته هن وقت تائين ڳوٺاڻن وقت ڪو چونڊيل نمائندو لنگهي نه آيو آهي جيڪا ڳوٺاڻن سان زيادتي آهي، هنن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان رابطو ڪرڻ باوجود بجلي بحال نه ڪئي وئي آهي، هنن ڪي اليڪٽرڪ جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته علائقي جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ بجلي جي بحالي تائين ڪي اليڪٽرڪ خلاف احتجاج جاري رهندو.
