نئون ڪوٽ ڀرسان “هاڪ وهندو هاڪڙو” جي عنوان هيٺ ڪانفرنس

نئون ڪوٽ(ن س)نئون ڪوٽ ڀرسان هاڪڙي درياء جي ڪنڌي تي آباد تاريخي ماڳ نهٽو ڀرسان سنڌو تهذيب جي وڃائجي ويل هاڪڙو ڌرياء جي پيٽ ۾ هاڪ وهندو هاڪڙو جي عنوان هيٺ  تاريخي ۽ ادبي ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ سميت ملڪ جي نامور اسڪالرن اديبن شاعرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ سنڌ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ، دانشور جامي چانڊيو ، رفعت عباس، ممتاز بخاري ، ممتاز ڪلياڻي،قاصد ملاح، ڊاڪٽر فتح مري،  نصير ڪنڀار ،عباس نيئر، محبوب رانا، اسحاق سميجو، طوبه قاصد،  خليل ڪنڀر،ڀارومل امراڻي ۽ ٻين مقالا پڙهيا ان موقعي تي مقررن چيوهاڪڙو سنڌو تهذيب جو وڃائجي ويل تاريخي دريا آھي جنهن جي بند ٿيڻ سان ٻنهي ڪنارن تي آباد وڏي انساني تهذيب دربدر ٿي ويئي، هاڪڙي درياء جي گم ٿي وڃڻ ڪري نه رڳو انساني تهذيب دربدر ٿي پر فطرت به سخت متاثر ٿي آھي، هنن چيو ته ايندڙ برساتن کان اڳ هاڪڙي درياء جي اصل وهڪرن کي بحال ڪيو وڃي جيئن هتان جا ماڻهو هر سال جيان ٻڏڻ کان بچي سگهن، هنن چيو ته سنڌ ۾ آرڪيالاجي تي ڪم گهٽ ٿي رهيو آهي اسانکي هاڻي ان طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو وڃايل هاڪڙي درياء جي ڳولا وڏي ريسرچ جي ضرورت آهي، هاڪڙو ادبي ڪانفرنس ۾ امام علي جنجهي، خطائي ٿيٻو، ۽ عبدالقيوم راهو هاڪڙي بابت شاعري پيش ڪئي، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ آيل مهمانن کي هاڪڙو ادبي فورم پاران شيلڊون پڻ ڏنيون ويون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں