هڪ دور هو جڏهن ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو ويندو هو پر هاڻ سوچ تي پابندي آهي:عاصمه شيرازي

حيدرآباد؛ اياز ميلي ۾ ملڪ جي نامياري تجزيا نگار ۽ صحافي عاصمه شيرازي جي لکيل ڪتاب“ڪهاني بڙي گهرڪي” جي مهورت پڻ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪتاب جي ليکڪه عاصمه شيرازي، ناليواري صحافي نذير لغاري، ڊراما نگار نورالهدي شاهه، حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون ۽ صحافي رياض سهيل ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن ويهڪ جي مارڊريٽر زڪيه اعجاز هئي. ان موقعي تي عاصمه شيرازي ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي باري ۾ ڳالهائڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، هي رياست ماءُ آهي، جنهن کي قيد ڪيو ويو آهي، هڪ دور هو جڏهن ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو ويندو هو هاڻ سوچ تي پابندي آهي، ايوب يحيٰ ضياءَ ۽ مشرف جي مارشلائن کي گڏ ڪجي ته اها هائبرڊ رجيم ٺهي ٿي. جيڪا ماڻهن جي سوچ کي بند ڪري مخصوص نظريي سان گڏ رهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، گذريل 4 سالن کان هي معاشرو انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو معاشرو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. رياست جبر ڪري رهي آهي. عمران خان 2018ع ۾ حلف کنيو پر ان رجيم جو خاڪو 2011 ۾ جڙي چڪو هو. پراڻين فائلن تان ڌوڙ هٽائي پراڻين ڪهاڻين کي نوان ڪردار ڏئي پراڻي بوتل ۾ نئون شراب وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي. گذريل 7 سالن جو نچوڙ پوين چار سالن ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو مثال اسان جي سامهون موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان سان جيڪي تجربا ڪيا ويا ان جا ذميوار وڏي گهر وارا آهن، ملڪ جون حالتون خراب آهن، مايوسي آهي، پر نوجوان پاڪستان جي اميد آهن، نوجوان مايوسي جي حالت ۾ سوال ڪن ٿا ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اميد اڃا موجود آهي. نامياري ليکڪه نورالهدي شاهه چيو ته سوشل ميڊيا اظهار ڪرڻ جو زبردست ذريعو آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته ان جو استعمال ڪيئن ڪيو پيو وڃي، عورت کي ملندڙ گاريون سماج ۾ اثر رکن ٿيون، سماج ۾ گاريون آهن پر عاصمه شيرازي جهڙين سچ ڳالهائيندڙ عورتن کي پسند به ڪيو وڃي ٿو، عورت کي ڊيڃارڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ مشڪل ڪم آهي، مونکي پٽ چيو ته آئون پنهنجو ٽوئٽر اڪائونٽ بند ڪرڻ چاهيان ٿو ڇو ته ماڻهو اوهان کي جڏهن گاريون ڏين ٿا اهو مون کان برداشت نٿو ٿئي. هن ماحول ۾ ثابت قدمي سان بيٺل عورت ئي وڙهي ۽ هلي سگهي ٿي ۽ عورت دشمن قوتون ٿڪجي پونديون. عاصمه گاريون کائيندي ڪڏهن به ناهي ٿڪي ان پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي ۽ ڪهاني بڙي گهر ڪي ڪتاب لکي ڇڏيو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سماج الڳ الڳ آهن ۽ انهن جي وچ ۾ سياست هلندي آهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ سماج الڳ الڳ هلن ته سڄو بار سماج تي پوندو ۽ سماج پنهنجو ڪم ڪندو، سياست سماج جي لاءِ موٽندي ته ان کي بقاءَ آهي، جيڪڏهن سياست اسٽيبلشمينٽ ڏانهن ويندي ته سماج پنهنجو رستو پاڻ ئي ڳولي لهندو، اسٽيبلشمينٽ سدائين سنڌ جي خلاف رهي آهي. نامياري صحافي نذير لغاري چيو ته اسان چار مارشلائن ۽ پاڪستان کي ٽٽندي ڏٺو آهي، 5 لک ماڻهو مري ويا هئا، پر ان دور ۾ چيو ويو ته اسان اليڪشن ڪرائينداسين، هن ملڪ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو آهي، اڳ ماڻهن کي تشدد يا قيد ڪيو ويندو هو، هاڻ ته ٻورين ۾ لاش ملن ٿا، هي دور اڃا وڌيڪ خطرناڪ آهي. هن چيو ته گار ڪنهن کي به ڏني وڃي پر ان جو شڪار عورت ئي ٿئي ٿي، هن سماج ۾ ڄمي ڪري مقابلو ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي، سچ ڳالهائيندو رهڻ گهرجي. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون چيو ته هن ملڪ جي عوام کي طئه ڪرڻو آهي ته وڏي گهر وارا ڪيستائين غالب رهندا، اسان هن وقت ڪي بورڊ واريئرس کي ڀوڳي رهيا آهيون، وڏي گهر جي سرپرستي ۾ ففٿ جنريشن وار جي شروعات ٿي، اسان ان دور ۾ ئي چيو هو ته توهان جيڪي ان گائيڊيڊ ميزائل تيار ڪيا آهن انهن جو رخ توهان ڏانهن ٿيندو، صحافي سدائين اسٽيبلشمينٽ جي رويي تي ڳالهائيندا رهيا آهن، ان ڪري صحافين کي نشانو بڻايو ويندو رهيو، هائبرڊ ماحول ۾ ڪوڙ کي ورجايو ويو، پر سچ ڪڏهن به دفن ناهي ٿيندو، ڪي بورڊ واريئرس ايترو ڪوڙ پکيڙيو آهي پر سچ وري به نروار ٿي بيٺو رهيو آهي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ ڀٽو نه پر ڪاري رات جيان ضياءَ زنده آهي، ضياءَ ته پاڻ مري ويو پر پنهنجا منفي اثر سڄي سماج تي ڇڏي ويو. ان وقت پي ايف يو جي اهڙي تنظيم هئي جنهن شاندار جدوجهد هلائي. احفاظ رحمان جي ڪتاب سب سي بڙي جنگ ۾ صحافتي جدوجهد تي تفصيلي لکيو ويو آهي پر هاڻ بدقسمتي سان تنظيمون ورهائجي ويون آهن ۽ صحافت جا پيداواري رشتا تبديل ٿي رهيا آهن. صحافين کي صحيح ويجز نه ملڻ جو سبب ٽريڊ يونينز جو ڪمزور هجڻ آهي، ڪجهه شهرن کي ڇڏي ڪري باقي ناڪاره ماڻهو اچي ويا آهن، اهڙا صحافي به آهن جيڪي ادارن کان پگهار وٺڻ بدران ڏيندا آهن. ميڊيا مالڪ ميڊيا کي انڊسٽري سمجهن ٿا. بليڪ مني جو ڪم ڪندڙن ميڊيا هائوسز کولي ورتا آهن. صحافي رياض سهيل چيو ته جڏهن کان سياست ۾ مفاهمت آئي آهي، تڏهن کان صحافت ۾ به مفاهمت آئي آهي، جنهن سان مزاحمت ماٺي ٿي آهي پر اتي جيڪو به مزاحمت سان لکي ٿو ته ان کي تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو. عاصمه پنهنجو تخليقي ڪم تسلسل سان جاري رکي توڙي جو ان جي راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون ته جيئن ان جا قدم رڪجي وڃن. سڀ کان وڌيڪ صحافي هن سال بلوچستان ۽ سنڌ ۾ شهيد ٿيا آهن. سنڌ جا صحافي مزاحمت ڪن پيا. جيڪي انتهاپسندي سان وڙهن پيا. سنڌ ۾ صحافت زنده آهي ۽ رهندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں