لاڙڪاڻو(رپورٽ:اڪبر آزاد ھيسباڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير امتياز احمد شيخ، صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي، مرتضيٰ وهاب، جميل احمد سومرو ۽ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو سان گڏجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 27 ڊسمبر تي ٿيندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتا آهيون. هن چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان لکين ماڻهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندا آهن. ھن چيو ته پنجاب اسيمبلي جو پنهنجو مسئلو آهي ۽ ان جو ڪنهن ٻئي صوبي تي ڪو به اثر نه پوندو ان جو حل پنجاب جي وڏير وزير چوڌري پرويز وٽ آهي ڇاڪاڻ گورنر ان کي ووٽ آف ڪانفيڊنس وٺڻ لاءِ چيو آهي ته هو پنهنجي 186 ميمبرن جي اڪثريت ظاهر ڪري ۽ گورنر کي قانوني طور مطمئن ڪري. هن چيو ته گورنر چوي ۽ هو ووٽ نه وٺي اهو غير قانوني عمل آهي ان لاءِ گورنر ان کي ڊي نوٽيفائي ڪري سگهي ٿو پر خبر پئي آهي ته چوڌري پرويز عدالت ۾ وڃي رهيو آهي ان ۾ کيس عدالت وڃڻ جي ضرورت نه آهي بس اسيمبلي اجلاس گهرائي ووٽ وٺي سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان گهڻي وقت کان اسميبلي ٽوڙڻ لاءِ چئي رهيو آهي پر هن جي پنهنجي هڪ ڳالهه نه آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف جي هدايتن تي خواجه آصف وفاقي وزيرن سان گڏ ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ هن تجويز ڏني ته دوڪان رات جو 8 وڳي ۽ شادي هال ۽ ريسٽورنٽ 10 بجي بند ڪيا وڃن ۽ 20 سيڪڙو ورڪ فراهم هوم ڪن جنهن تي اسان اهو چيوسين ته ان لاءِ اسان اسٽيڪ هولڊرس سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته ڪرونا واري وقت ۾ ان وقت جي وفاقي سرڪاري اسان جي فيصلن جو مخالفت ڪئي پر پوءِ انهن پاڻ به ائين ڪيو. هن چيو ته گذريل شديد برساتي ٻوڏ ۾ سنڌ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو ۽ ان وقت به سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن سان گڏ هئي ۽ انهن جي ڀرپور مدد ڪئي. ان بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار ڪاميٽي ۽ ڊويزنل توڙي ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسيءَ جا انتظام اڳ کان به وڌيڪ بهتر ڪيا ويا آهن جنهن ۾ صفائي سٿرائي، لائيٽنگ، واش روم، سائن بورڊ، روڊ رستا، پارڪنگ وغيره وغيره شامل آهن. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو امن امان ،سڪيورٽي ۽ ٽريفڪ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڪيورٽي جا فول پروف بندوبست ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ٽريفڪ جي نظام کي پڻ بهتر بڻايو ويو آهي ته جيئن ورسي ۾ ايندڙ ماڻهن کي تڪليف نه اچي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته امن امان، سڪيورٽي، ٽريفڪ، صفائي سٿرائي، لائيٽنگ، سائن بورڊ، روڊ رستن توڙي واش رومز، اسٽينڊ باءِ جنريٽر وغيره جا خاص انتظام اڳ کان به وڌيڪ ڪيا وڃن ته جيئن ورسيءَ ۾ ايندڙ مهمانن کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف پيش نه اچي ۽ ورسي خير خوبي سان ٿي وڃي. هن پوليس عملدارن کي اهي به هدايتون ڏنيون ته ورسيءَ جي ختم ٿيڻ وقت به ٽريفڪ جي نظام کي پڻ بهتر بڻايو وڃي ته جيئن موٽڻ وقت به ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿي. ان موقعي تي پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ڳالهائيندي چيو ته ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي، ٽريفڪ، صفائي سٿرائي، روڊ رستا، واش روم، پارڪنگ جي انتظامن کي اڳ کان به بهتر بڻايو وڃي ته جيئن ورسيءَ ۾ ايندڙ ماڻهن کي ڪا به تڪليف درپيش نه اچي. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گهنور علي لغاري، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ضلعي ۽ ڊويزن جا عملدار، پ پ پ اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، خير محمد شيخ، وقار ڀٽو، ڪامران اوڍاڻو ۽ ٻيا موجود هئا.
