حيدرآباد: اٺون اياز ميلي ۾ ترقي پسند ليکڪ ناصر عباس نيئر چيو ته شيخ اياز پاڪستان جي چند وڏن شاعرن مان آهي، شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته ٿر خدا جي مصوري آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعري سنڌو جي پاڻي ۽ سرن سان سرجي آهي، درياهه زمين تي وهندو آهي، پر ڀٽائي ۽ اياز جي شاعري سنڌ جي ماڻهن ۾ وهي ٿو، درياهه ته سڪي ويندو آهي پر ڀٽائي ۽ اياز جي شاعري سنڌ جي ماڻهن ۾ وهندي رهي ٿي. هن چيو ته شيخ اياز ٻاهرين تلسماتي خيالن جو شڪار نه ٿيو، موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي هتي جنگ ۽ تشدد بجاءِ ساز ۽ سر جو آواز اٿندو رهيو آهي، شيخ اياز مزاحمت کي پرتشدد بڻائڻ جو حامي نه هو، جتي آرٽ هجي اتي تشدد جي جڳهه ناهي هوندي، ادب ۽ آرٽ انسان دوستي جي نشاني رهيو آهي. هن چيو ته شيخ اياز کي سنڌي کانسواءِ اردو، انگريزي ۽ فارسي زبان تي عبور هو، هن اردو ۾ به لکيو، پر اياز سڀ کان پهريان سنڌي ۾ لکڻ پسند ڪيو، شيخ اياز جديد سنڌي ادب کي وڏي مقام تي پهچايو، هن جي باغياني لهجي ۾ هڪ شخص جي ڪاوڙ نه پر پوري سماج ۽ تهذيب جو آواز هو، شيخ اياز لوڪ ٻڌا ۽ پاڻ به لکيا، هو پنهنجي شاعري ۾ عوامي شاعر نظر اچي ٿو، هو شاعري ۾ عمل ڏانهن وڌڻ جي لاءِ اتساهيندي نظر اچي ٿو، هو سنڌو تهذيب جو ترجمان ۽ نقشبند آهي، اياز پنهنجي ادب تي تخليقي تنقيد جو رواج وڌو، اياز جي جنگ آرٽ جي لاءِ هئي. هن چيو ته وڏو آرٽ ۽ اديب اهو هوندو آهي، جنهن جي اندر ۾ جرئت هوندي آهي، زماني جي خوف کان آزاد هجڻ سکڻ گهرجي. نامياري صحافي عاصمه شيرازي چيو ته وڏي تعداد ۾ هتي نوجوانن جي اچڻ مان ثابت ٿيو ته نوجوان شيخ اياز کي چڱي طرح سڃاڻن ٿا، شيخ اياز جي شاعري جي اندر هر طرح جو لهجو نظر اچي ٿو، شيخ اياز ماڻهن کي مزاحمت سيکارڻ جي لاءِ اظهار جو هر طريقو استعمال ڪيو، هن علم، اسلوب ۽ مختلف طريقا استعمال ڪيا. هن چيو ته آئون سنڌ کي پاڪستان کان الڳ نٿي سمجهان، شيخ اياز سنڌ کي مزاحمت واري سڃاڻپ ڏني، هن ايوب، ضياءَ جي مارشلائن خلاف پنهنجي قلم کي مستقل طور استعمال ڪيو. هن چيو ته اسان پنجابين پنهنجي مادري زبان ۽ شايد پنهنجي ثقافت جي مالڪي ناهي ڪئي، پنجاب ۾ به اياز ميلو ٿيڻ گهرجي، اياز جي شاعري پنجابي ٻولي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي، سنڌ پاڪستان آهي ۽ شيخ اياز جيترو سنڌ جو آهي اوترو ئي پنجاب جو به آهي. نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سڀاڻي جي سماج جي رهنمائي ڪندڙ نوجوان آهن، اڄ به پاڪستان ۾ اسيمبلين ۾ موجود نمائنده ترقي پسند روشن خيال فڪري ڳالهه نٿا ٻڌن، رياست جو قومن ۽ ادب سان رويو بهتر ناهي، هي اياز ميلو ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جو ذڪر ڪرڻ لاءِ متبادل فورم آهي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ترقي پسند مقالمن تي پابندي مڙهي وئي آهي. اياز خيال ذريعي ٻڌائي ويو آهي ته هي سنڌ جو سماج روشن خيال ۽ ترقي پسند سماج آهي، اياز جو فڪري دامن عالمگير آهي، جنهن نه صرف سنڌ پر سڄي عالم جو درد ڳايو آهي، جيئن ته جديد سنڌي ادب جي شروعات گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي، پر شيخ اياز نئين دور جي جديد سنڌي ادب جو حوالو آهي. هن چيو ته ون يونٽ هڻي جڏهن رياست چيو ته هن ملڪ ۾ تاريخي قومون نٿيون رهن، ٻوليون ۽ ثقافتون ناهن، ان دور ۾ شيخ اياز وطن جي تصور کي کڻي پنهنجي شاعري جي ذريعي اظهار ڪيو، اياز جو دور انقلابن، مزاحمت ۽ قومي تحريڪن جو دور هو، اياز مذهبي انتهاپسندي، رياستي عوام دشمن رويي کي رد ڪيو.
