ڄامشورو ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشوري جي لمس يونيورسٽي جي پٺيان قائم ڳوٺ يوسف کوسو جي رهواسي پورهيتن دلدار کوسو، بلاول کوسو ۽ علي گل کوسو ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ته 20 ڊسمبر تي 3 ڏينهن اڳ پورهيت راڻو کوسو ۽ سندس سوٽ جاني کوسو ڄامشورو سيشن ڪورٽ ۾ حاضري تي ويا هئا واپسي تي ڪورٽ کان جيئن ئي نڪتا ته ڄامشورو پوليس جي جمعدار جمن برهماڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس ٻنهين کي کنڀي کڻي وئي بعد ۾ جاني کوسو کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ راڻو کوسو کي گم ڪري ڇڏيو آهي اسان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پياسين پر پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ لاء تيار نه هئي ڪالهه اسان کي اطلاع مليو ته لمس ويجهو ڳوٺ الهه رکيو کوسو ۾ پوليس توهان جي همراهه کي هڪ خانگي چارچر سيل ۾ قيد ڪري رکيو آهي اسان هڪ صحافي کي ساڻ ڪري اتي پهتاسين ڏٺوسين ته اسان جي همراهه راڻو کوسو سان گڏ 8 ڄڻا ٻيا قيد ٿيل هئا جن کي هٿ ڪڙيون لڳل هيون صحافيءَ سمورن قيدين کان بيان به ورتا اتي اسان جي همراهه راڻي کوسو  جنهن کي به هٿ ڪڙيون لڳل هيون تشدد جا نشان ڏيکاريندي ٻڌايو ته اسان مٿان بدترين تشدد ڪيو وڃي ۽ ٻڌي وات بند ڪري نڪ ۾ نسوار وارو پاڻي وڌو وڃي ٿو جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ بيهوش هوندا آهيون، جنهن دوران اتي موجود پوليس وارن چيو ته هلو ٿاڻي تي هلون ٿا هنن قيدين کي به اتي کڻي هلون ٿا اسان ٿاڻي تي پهتاسين پر پوليس اسان جي ڀاء راڻي سميت سڀني اتان کڻي ڪنهن ٻئي هنڌ لڪائي ڇڏيو آهي هنن چيو ته ظلم جي انتها آهي جو پوليس جا پنهنجا ذاتي ٽارچر سيل ۽ قيد خانا ٺهيل آهن جتي ماڻھن کي کنڀي لڪايو وڃي ٿو ۽ بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته اسان جي همراهه جي زندگي کي خطرو آهي خانگي جڳهه ۽ ٽارچر سيل تائين پهچڻ تي پوليس مڇرجي پئي آهي اسان جي همراهه راڻو کوسو کي مقابلو ڏيکاريو ويندو يا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا.متاثرن ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي آء جي حيدرآباد، انساني حقن لاء ڪم ڪندڙ اڳواڻن سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي اسان جي ڀاء راڻو کوسو کي آزاد ڪري انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں