ڪنڌڪوٽ ۽ هنڱورجا ۾ ڪيو اي ٽي جا احتجاجي مظاهرا، جهالت ۽ لاقانونيت جو علاج صرف علم آهي:اياز لطيف

ڪنڌڪوٽ/ هنڱورجا (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ بدامني، ڦريون، ڌاڙا چوريون قتل و عام قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ امن مارچ ريلي ڪڍي وئي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ گهنٽاگهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجو ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته آءٌ جڏهن رستي ۾ آيس ته سوچيم ته سنڌ ۾ ڇا ڇا هجي، مان خواهش ظاهر ڪئي ته هتي ڏوهه جيڪي ٿين ٿا جيڪا بدامني آهي. روز، ڦر، ڌاڙا، چوريون قتل قبيلائي جهيڙن ۾ رت وهايو پيو وڃي، هي ضلعو جيڪو ڪرپشن جي عذاب هيٺ آهي جنهن لاءِ اڄ هي ريلي نڪتي آهي ان جو علاج ڇا آهي؟ ان جهالت ۽ لاقانونيت جو علاج ڇا هجڻ گهرجي هن جهالت ۽ لاقانونيت جو علاج صرف ۽ صرف علم آهي لائبريريون آهن جتي تعليم سان هي ضلعو روشناس هجي پر هتي ته ڪابه تعليم جي لائبريري ناهي نه ئي ڪي سٺيون تعليمي درسگاهون آهن ۽ جيڪي شهرن ۽ جن شهرن جي نالن سان لاڙا رکيا ويا آهن ان ۾ لائبريريون ڇو ناهن،اگر اهي شيون نه هونديون ته ڏوه وڌندا ۽ انهن ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي وڏيرا جاگيردار هنن کي استعمال ڪندا رهندا،اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي هنن ضلعن کي ڏوهن جو مرڪز هٿن سان بڻايو ويو آهي،هن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات آئي نه هئي اوهان سنڌ واسين کي ٻوڙيو ويو،سنڌ جي ماڻهن سان اهڙو حشر ڇو ٿو ڪيو ويو وڃي ڇو ته اوهان کرب پتي آهيو، اوهان وٽ وسيلا آهن، گئس اوهان وٽ،پئٽرول اوهان وٽ، جذيرا اوهان وٽ، سمنڊ اوهان وٽ،جهازن جا اڏا اوهان وٽ،ڪارخانا شگر ملون اوهان وٽ ڪوئلو اوهان وٽ ان سميت مالا مال وسيلا اوهان وٽ آهن اگر اوهان سجاڳ ٿيندئو ته انهن سڀني تي پنهنجي مالڪي گهرندئو، ان لاءِ سنڌ واسيو اوهان کي هٿن سان ڏوهن طرف قبيلائي جهيڙن طرف بدامني طرف ۽ ٻوڏ برساتن جي پاڻي ۾ ٻوڙڻ طرف ڌڪيو ويو آهي ۽ اوهان جا ذهن جڏهن هن معاملن طرف هوندا ته اوهان ڪڏهن به پنهنجي حقن جي مالڪي نه ٿا گهري سگهو ڇو ته اسان انهي خيال ۾ هونداسين ته اڄ شل خيريت سان گهر پهچون،اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته ڌاڙيل ڪنهن کي اغوا ڪن ٿا انهن کي اغوا ڪن ٿا جيڪي سنڌ واسي کرب آهن سنڌ جيڪا ڀڳ ڀري سگهي ڇو ته اسين وسيلن سان مالا مال آهيون،پهريان اسان کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي،ان لاءِ ته سنڌ جا ماڻهو پئٽرول گئس فلائيٽس سميت ٻين مالا مال وسيلن تي مالڪي ڪندا،هي ڪهڙو شهر آهي جتي معصوم ٻار اغوا ٿي رهيا آهن،جن جي خيال ۾ هاڻي سان ئي خوف ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي،هي سنڌ منهنجي ته ناهي پر هي سنڌ توهان جي به آهي،مان ڌاڙيلن کي چوان ٿو ته ٿي سگهي ٿو توهان سان سماج ۾ پوليس ڌاڙيل وڏيرا زيادتيون ڪن ٿا پر عام ماڻهن اوهان جو ڇا بگاڙيو آهي اڙي سنڌ جا ڌاڙيلو سوچيو ته هن جو انجام ڇا ٿيندو،اياز لطيف پليجو چيو ته هن ڪنڌڪوٽ شهر ۾ لائبريري نه هوندي تعليم نه هوندي ته ليتر جو زيبٽ هوندو اياز لطيف پليجو چيو ته هن شهر ۾ جيڪي لائبريري جي گهر نه ٿا ڪن تعليمي درسگاهن جي گهر نه ٿا ڪن بدامني تي خاموش آهن وڏيرن جاگيردارن سردارن آڏو جهڪيل آهن سوچيم اهڙن ماڻهن لاءِ چرين جو اسپتال هجي گندو بدر هجي،هنن ڪرپٽ وڏيرن کي چونڊي ڪير ٿو جيڪي هنن کي چونڊرائي اسيمبلين تائين پهچائن ٿا انهن جي لاءِ الگ چرين جي اسپتال هجي انهن کي ان ۾ داخل ڪرايو وڃي، جيڪي وڏيرا جيڪي توهان کي مارائن ٿا اغوا ڪرائن ٿا انهن لاءِ ائين ئي هجڻ گهرجي،توهان پنهنجي غيرت جو معيار ته ڏسو اگر ڪنهن رستي ويندي نياڻي کي ڪنهن ماڻهو جي ٺوٺ لڳي يا موبائيل فون تي غلطي سان ڪا مسڪال لڳي ته پوءِ غيرتي مڙس آيو ان موبائيل ڏٺي نياڻي کي چيو ته تون ڪاري آهين جنهن نياڻي کي ٺوٺ لڳي غيرتي مڙس چيو ته تون ڪاري آهين اڙي او غيرتي مڙس جيڪي ٿوري ٿوري ڳالهين تي غيرت ٿي جاڳئي تنهنجي غيرت اتي ڇو نه ٿي جاڳي جيڪا تون بينظير انڪم سپورٽ جي پئسن لاءِ پنهنجي نياڻي کي زليل ٿو ڪرائي پوليس کان لتون مڪون ٿو کارائي نياڻين کي لائين ۾ بيهاري خوار ٿو ڪرائي اڙي او غيرتي مڙس هتي تنهنجي غيرت ڇو نه ٿي جاڳي بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا نياڻين کان وٺي مڇن شهپرن کي وڪڻ ڏئي هوٽل تي ٿو ويهي هتي ڇو تنهنجي غيرت ڇو نه ٿي جاڳي بس ٿوري ٿوري ڳالهين تي نياڻين کي ڪاري ڪري هنن جي زندگي چٽ ٿا ڪريو اڙي او غيرتي مڙس توکي سنڌ جتي قبضا ٿي رهيا آهن ڪراچي ۾ افغاني قبضا ٿا ڪن سنڌ جي وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن اتي غيرت ڇو نه ٿي جاڳي سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرن ڊاڪٽرن کي ڪٽڪو ڏنو ويو اتي غيرتي مڙس جي غيرت ڇو نه ٿي جاڳي،هي اسان جي سنڌ جو حال آهي اسان کي سجاڳ ٿيڻو پوندو پنهنجي حقن جي مالڪي ڪرڻي پوندي،هي سنڌ جا حڪمران چاهين ٿا ته سنڌ ۾ بدامني ۾ هجي ماڻهو جهيڙن فسادن ۾ هجن،پ پ جا حڪمران ٻاهرين ملڪ ۾ ٻين ملڪن سان ٿيندڙ زيادتين تي ڳالهائيندا آهن پر سنڌ ۾ به ته ظلم ٿي رهيو آهي ۽ اهو ظلم پ پ جي حڪومت ڪري رهي آهي ان تي ڇو نه ٿا ڳالهايو ٿا اوهان به ظلم ڪري رهيا آهيو اوهان به ڪراچي کي تباه ڪيو اوهان به پوري سنڌ کي ٻوڙيو آهي،اياز لطيف پليجو چيو ته مون هن شهر ڪنڌڪوٽ مان مارچ جي شروعات ڪئي هئي جيڪا ڪراچي تائين جاري رهيو آهي،هي منهنجو محبوب شهر ڪنڌڪوٽ آهي جنهن سان مونکي پيار آهي، مونکي اهو ڏک به آهي ته ڪنڌڪوٽ واسيو هن ڪنڌڪوٽ ۾ ظلم ڇو آهي لاقانونيت ڇو آهي، اوهان ڇو نه آواز اٿاريو ٿا،اوهان ڇو بک هڙتالي ڪئمپون ڇو نه ٿا لڳايو، اوهان سجاڳ ڇو نه ٿا ٿيو،وفاقي حڪومت ڇو نه ٿي اوهان جي لاءِ ڳالهائي اوهان جو ڪو ذڪر آهي، ٽي وي ڏسو پرويز الاهي پهچي ويو بلاول پهچي ويو عمران خان پهچي ويو شهباز شريف هتي پهچي ويو اوهان جو ڪو ذڪر آهي بلڪل نه ڇو ته اوهان پيپلزپارٽي جا آهيو اهي ته ڏسن ٿا ته هنن جو سردار زرداري پ پ آ جيڪو اسان سان ٺهيل آهي پوءِ هن سنڌ ۽ سنڌين کي ڇا ڪريو ڀل ٽپا ڏين،ٽپڻ سڀ اسان جا کڻجي ويا اسان تير بجا تير تي ٽپا ٿا ڏيون دهل دمامن تي پيا نچون پوءِ ڇا ٿيو ڀل اسان جا ٽپڻ کڻجي ويا،اسان سنڌي خوش آهيون فلاڻي ايم پي اي سان فوٽو هٿ ملائڻ سان دٻ فوٽو اسان صرف فوٽون ڪڍڻ ۽ ڪڍرائڻ ۾ خوش پوءِ ڇا ٿيو ٽپڻ سڀ اسان جا کڻجي ويا،هاڻي گهڻو ٿي چڪو توهان ڪنڌڪوٽ واسين کي ٻڌائڻو آهي ته گهڻو ٿيو هاڻي ٺاه نه ڪبو حڪمرانو جاگيردارو وڏيرو نوابو گهڻو ٿيو هاڻي ٺاه نه ٿيندو،سنڌ هاڻي مزاهمت ڪندي سنڌ هاڻي نه جهڪندي سنڌ هاڻي مزاهمت ڪندي ۽ پنهنجي نسلن جي مستقبل کي تعليم سان روشن ڪندي ۽ پنهنجي حقن لاءِ اٿندي،اياز لطيف پليجو جي ريلي دوران ضلعي توڙي مرڪزي اڳواڻ روشن ڪنراڻي،سجاد بروهي،اعجاز بجاراڻي،نثار احمد ڀرڳڙي،ارصلاح بهلڪاڻي،سچل ملڪ،رب ڏنو ملڪ،فدا مهمداڻي، شاهنواز ابڙو،ظهير جوڻيجو،علي مراد سبزوئي،هزار ناز ڪنراڻي، ڊاڪٽر شازيا ڪلوڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٻئي طرف هنڱورجا ۾ خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته لکين برسات متاثرين ھن وقت به درپدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن پر حڪمران برسات متاثرين جي بحالي جي نالي تي دنيا جي مختلف ملڪن مان مليل اربين روپيه متاثرين کي ڏيڻ بجاء  ڪرپشن جي ذريعي ھڙپ ڪري ڇڏيا آھن ۽ چار مھينا گذري ويا آھن پر برسات متاثرين جي اھنج گھٽ ٿيڻ بجاء انھن ۾  وڌيڪ اضافو ٿيندو پيو وڃي ۔ ھنگورجا ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سردار پنجل پليجو جي عيادت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته تعليم جي ميدان اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو نياڻين کي تعليم ڏياريو ته جئين سنڌ جي نياڻي به سنڌ حقن جي حاصلات لاء جدوجھد ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ۔ ھن چيو ته حڪمرانن سنڌ لٽ جو مال سمجھي ان کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ بجاء انھن جا سرپرست بڻجي ويا  آھن ۽ سنڌ جي اصل وارثن لاء ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي ۔ قدرتي وسيلا اسان کان کسيا پيا وڃن ۔ ھن چيو دنيا اندر سياست خدمت طور ڪئي ويندي آھي پر اسان جي ملڪ ۾ سياست کي ڪاروبار بڻايو ويو آھي خاص طور تي سنڌ کي سردارن ۔ وڏيرن ۽ ڀوتارن جي حوالي ڪري ڦرلٽ ڪرڻ جا لائيسنس جاري ڪيا ويا آھن ان لاء سنڌين کي پنھنجي وجود جي بقا ۽ حقن جي تحفظ لاء متحد ۽ منظم ٿي اثرائتي جدوجھد ڪرڻي پوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں