ڪنڌڪوٽ(ڊر)ڪنڌڪوٽ جمعيت علماءِ اسلام پاران بدامني اغوا چوريون ڦر ڌاڙا قتل وارداتن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جي يو آءِ ريلي گهنٽاگهر چوڪ کان پريس ڪلب پهتي جتي اڳواڻن قاري شفيع محمد کوسو، شمس الدين ڀيري،مولوي خان محمد ملڪ،ابراهيم خاڪي،مولوي عرفان علي کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ بدامني جي لهر ڇانيل آهي ڪو ماڻهو محفوظ ناهي هر روز ڦر چوريون ڌاڙا قتل عام آهي هنن چيو ته ضلعي ۾ امن و امان بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
