اسان وٽ تحقيقي جو رواج گهٽجي ويو آهي، شاعرن جي ذاتي زندگيءَ تي لکڻ گهرجي: مدد علي سنڌي

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ انور فگار هڪڙي جي مرتب ڪيل ڪتاب “چانڊوڪي چمپا جي مالها” جي مهورت ٿي، جنهن جي ماڊيٽر گلبدن جاويد مرزا هئي. نامياري اديب مدد علي سنڌي چيو ته اسان وٽ تحقيقي جو رواج گهٽجي ويو آهي، شاعرن جي ذاتي زندگيءَ تي لکڻ گهرجي. زيب سنڌي چيو ته شيخ اياز جو ذڪر ٿئي ته اتي روشن آرا جو حوالو ضرور ڏنو ويندو، روشن آرا مغل 17 سالن جي عمر ۾ اياز کي گهائي وئي هئي، پهريون پيار تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، اياز پڇڻ تي ٻڌايو هو ته عشق جو ڳاڻيٽو ناهي ڪبو، عشق کانسواءِ شاعري نٿي ٿي سگهي، روشن آرا جلدي هن کان وڇڙي وئي ۽ شيخ اياز جو اهو خواب اڌورو رهجي ويو. غلام نبي سومرو چيو ته چانڊوڪي چمپا جي مالها انهن ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪي منهنجي دل جي ويجهو آهن، شيخ اياز روشن آرا جي عشق مان نڪري نه سگهيو، شڪارپور شهر بابت شيخ اياز چيو آهي ته شڪارپور شهر هڪ ڪيفيت آهي، شيخ اياز ڪهڙي عشق ۾ ناڪام ٿيو يا اڌ ۾ سندس هٿ ڇڏائجي ويو، اهو پڙهندڙ پاڻ طئه ڪندا. ٻئي طرف اياز ميلي ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف جي مرتب ڪيل ڪتاب “شيخ اياز جي شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” ڪتاب جي مهورت ڪئي وئي، جنهن جي ماڊيٽر ريحانه نظير هئي. ان موقعي تي ڪتاب جي ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته شيخ اياز صنفن کي نئين انداز سان آندو آهي، اياز انهن صنفن کي پنهنجو ڪري اهڙي نواڻ آندي آهي جن صنفن تي اڪثر شاعر ڌيان ئي ناهن ڏيندا. هن چيو ته ترقي پسند تاريخ ۽ سوشلسٽ نظريي تي اياز جو وڏو زور هو، شيخ اياز جي شاعري ۾ عواميت ۽ تخليقيت آهي، هو شاعري ۾ تخليقي رنگيني آڻي ٿو، ان ڪري هن ڪتاب ۾ تحقيق ۽ تخليق جا رنگ ملندا. نامياري شاعر ۽ ڪمپيئر نصير مرزا چيو ته فياض لطيف پنهنجو قلم شيخ اياز جي فن ۽ فڪر تي تحقيق وقف ڪري ڇڏيو آهي، فياض لطيف جي تخليقي ۽ تحقيقي نثر لکڻ جو انداز دل کي ڇوهندڙ آهي. هن چيو ته شيخ اياز برصغير جي وڏي شخصيت آهي، فياض لطيف شيخ اياز جي دوهن تي گهڻو ڪم ڪيو آهي. احسان دانش چيو ته فياض لطيف تمام گهڻو قلمي پورهيو ڪيو آهي، تحقيق ۽ تنقيد جي لاءِ تخليق جي ضرورت هوندي آهي، تخليق ئي بنيادي جز آهي جنهن جي آڌار تي ڪنهن تي تنقيد ۽ تحقيق ڪري سگهجي ٿي، فياض لطيف کي تحقيق ۽ تنقيد جي بنيادي خوبين جي ڄاڻ آهي، جنهن ماڻهو جيترو ڪم ڪيو هجي ان کي ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں