حيدرآباد: اياز ميلي جي ٻئي ڏينهن تي سنڌ جي سرموڙ شاعر امداد حسيني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سيشن ٿيو. جنهن جو ماڊريٽر نصير مرزا هو. جڏهن ته مقررن ۾ ڊاڪٽر سحر امداد، امر سنڌو ۽ نياز پنهور هئا. ان موقعي تي ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته امداد حسيني ماٺيڻو ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ هو. جڏهن به ڳالهائيندو هو ته اهو انتهائي با معني هوندو. پنهنجي گهرڀاتين جو خيال رکڻ سان گڏ هر ڪنهن جو خيال ڪندو هو. هن چيو ته اسان ساٿ ۽ سهڪار سان زندگي گذاري. امداد تمام حساس شاعر هو. امداد حسيني سنڌي لساني ڪتاب لکيا. ريڊيو سان به 1970 کان وابستا هو ۽ اتي ڪمال جا اسڪرپٽ لکيا. امداد هڪ ئي وقت شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ريڊيو جو اسڪرپٽ رائٽر ۽ ادب ۾ پنهنجو نور نچوڙئيندڙ هو. امر سنڌو چيو ته جنهن دور ۾ اياز سنڌي شاعري ۾ چمڪي رهيو هو ان دور ۾ امداد پنهنجي انفراديت منفرد رکي. امداد هڪ لازوال تخليقڪار آهي، جنهن جي تخليق کي ڪڏهن به زوال اچڻو ناهي. هن چيو ته منهنجو شاعري ۾ عشق اياز سان به آهي ته امداد سان به آهي. هن چيو ته امداد هڪ دور جو عنوان ناهي اهو 20 هين صدي جي دور کان وٺي اڄ جي دور تائين جي نوجوانن جو نغمو آهي. سينيئر صحافي نياز پنهور چيو ته امداد حسيني ڪل وقتي شاعر هو، امداد وڏن شاعرن جي دور ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ڪرائي، امداد جا گيت، نظم ۽ موضوع وسيع آهن، هن چيو ته امداد پنهنجي ڌرتي ۽ رومانس جو شاعر هو. انفراديت ئي امداد جي منفريت آهي. امداد کي رڳو شاعر تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي هو تمام وڏو نثر نويس ۽ ڪهاڻيڪار به هو.
