دادو (رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو خلاف ڏنل درخواست جي ٻڌڻي ام رباب چانڊيو فريادي پرويز چانڊيو وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ ڪرمنل ٽرائيل ماڊل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت پهتا، ڪيس ۾ جوابدار طور ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو کي شامل ڪرڻ واري ام رباب جي درخواست تي ٻڌڻي 29 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس ڀاءَ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته ڀاءَ بيمار آهي ۽ ان جي اکين جو آپريشن هجڻ سبب هو عدالت ۾ نه اچي سگهيو، تاريخ ڏني وڃي ته جئين هو وڪيل سان گڏ پهچي پنهنجو جواب داخل ڪرائي سگهي.ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ جاگيردارن جا ڪمدار پوليس آفيسر ماڻهن کي مارائن ٿا، هن جي پنهنجي کاتي انڪوائري ڪئي جنهن ۾ پڻ ثابت ٿيو هو ته ايس ايڇ او جي ذاتي گاڏي آهي اها جوابدارن جي سهولت ۾ استعمال ٿي آهي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو کي سردار چانڊيو جي چوڻ تي فريد آباد ٿاڻي تي رکيو ويو هو جنهن جا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا آهن هاڻي ايس ايڇ او پنهنجن آقائن سردارن وانگر ڀڄي پيو ٿو، ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ڪيس جي مک جوابدار ذوالفقار چانڊيو جيڪو ٽي سال قانون کان فرار هو ان سان 60 منٽن تائين جوابدار سان فون تي ڳالهايو اٿس جنهن جا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا آهن جيڪو جوابدار پوليس کي گهربل هو ۽ انعام يافته هيو ان سان ايس ايڇ او فون تي ڳالهائڻ ثابت ڪري ٿو ته هو به جوابدارن جي ڌر آهي آئي جي سنڌ کي به گذارش ڪندس ته اهڙن آفيسرن تي نظر ثاني ڪئي وڃي جيڪي ڊپارٽمينٽ کي لڄائن ٿا عدالتن کي به اپيل ڪندس ته جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جئين اڳتي ڪنهن ٻئي جا گهر تباهه نه ٿين پوئي تاريخ تي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو پنهنجي مرضي سان اڄوڪي تاريخ ورتي هئي ۽ چيو هو ته هو پنهنجي وڪيل گڏ اچي جواب داخل ڪرائيندو مان واضع پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي جيڪي سردارن جي ڪمعداري ڪن ٿا چاهي اهي ڪهڙي به کاتي ۾ هجن انهن جو انجام تمام برو ٿيندو اسان کي عدالتن تي يقين آهي انصاف ضرور ملندو ۽ قاتلن ڦاهي تي چڙهندا.
