فياض اتيرو
جيڪي چون ٿا تہ اڄ جا ڪارڪن نظرياتي طور ڪمزور ٿين ٿا جلد ٿڪجي پون ٿا ڊگھي ۽ مستقل مزاجي واري جدوجھد کان ٿڪجي پون ٿا انھن لاءِ قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ھڪ مثال آھن اچو تہ ان مثالن مان عملي ڪم سکون اڄ کان تقريبن ڏھ سال پھرين قومي تحريڪون ڪو وڏو جلسو ڪنديون ھُيون تہ سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن مان ماڻھون ڪٺا ڪري پوء ئي ضلعي ليول جو ڪو مرڪزي پروگرام ڪنديون ھُيون جھولي فنڊ ۽ علائقي جي معززين کان فنڊ وٺي جلسي جو خرچ ڪٺو ڪبو ھُيو ۽ ڪجھ تنظيمون وري ڀتا خوري ڪري دٻدٻاءُ ڪري پئٽرول پمپن دڪاندارن بيڪريز يا ڪنھن وڏي شھر جي واپارين کي ڌمڪيون ڏئي دھشت ۽ خوف جي بنيادن تي لکين رپيا گڏ ڪري پوءِ ڪو جلسو ٿيندو ھُيو ۽ انھن جو آئون پاڻ گواھ آھيان ڳاڙھو ٽنڊو آدم ڪڙيو گھنور مورو جوھي تائين ڪراچي مان قافلا ويندا ھئا ان ئي طرح ڪراچي ۾ بہ سنڌ جي ڪافي ضلعن مان ماڻھون گھرائي ڪو وڏو جلسو ٿيندو ھُيو ۽ وري سال ڇھ مھينا ڪو بہ پروگرام مرڪز ليول تي ڪون ٿيندو ھيو. قومي عوامي تحريڪ اھو طريقيڪار ختم ڪري ھڪ نئون تنظيمي ماحول جوڙيو آھي ۽ ان سان تمام وڏا مثبت پاسا نروار ٿيا آھن 2016 کانپوءِ بانبڙا پائي سفر جو آغاز ڪندڙ قومي عوامي تحريڪ اياز لطيف پليجو ۽ ضلعن جي پتڪڙن ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ جڏھن پنھنجو قدم اڳتي رکيو تہ ھِن وقت تائين پٺتي قدم ناھي ڪيو مسلسل احتجاجي ريليون جلسا مظاھرہ ڪانفرنسون اتحاد اليڪشنون اسٽڊي سرڪل ليڪچر پروگرام شموليتن مقامي ۽ ملڪي ليول تي تمام شاندار جدوجھد ڪئي آھي ايئن ماضي ۾ بہ قومي عوامي تحريڪ جي تاريخ رھي آھي اياز لطيف پليجو صاحب جي قيادت ۾ 46 ڏينھن مسلسل پنڌ ھلڻ سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ محبت سنڌ مارچ ڪرڻ ڪرپشن ۽ مھاجر صوبي خلاف شاندار ريليون ڪڍڻ مطلب ھڪ طاقتور جدوجھد رھي آھي اياز صاحب جي قيادت ۾ پر سمجھڻ جي ڳالھ ھي آھي تہ ھن وقت سڄي سنڌ ۾ قومي عوامي تحريڪ واحد تنظيم آھي جيڪا سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ شاندار جلسا ڪري پئي ۽ 2016 کان مسلسل ڪندي اچي پئي پر ان ۾ ٻين ضلعن جي شرڪت نہ ھجڻ برابر آھي ڪنھن ھڪ اڌ ڀر واري ضلعي مان ڪي چند ماڻھون اياز صاحب جي سِڪ محبت ۾ ويا ھجن شرڪت ڪئي ھجي تہ اھا ھڪ الڳ ڳالھ آھي پر جلسي کي ڪامياب ڪرڻ شرڪت جي حوالي سان ان ۾ ٻين ضلعن جو ھجڻ ضروري ناھي اھو ٻين تنظيمن لاءِ ھڪ وڏو چيلنج ۽ سوال آھي.قومي عوامي تحريڪ جنھن تيزي سان ڪم ڪري پئي ماڻھن جي مسئلن کي پنھنجو سمجھي پنھنجي سوچ سمجھ وسائل آھر جيڪو انھن تي عملي ڪم ڪري پئي ۽ جنھن طرح پارٽي قيادت ضلعن جا دورا ڪري پئي ۽ اياز صاحب جنھن طرح اردو سنڌي ميڊيا تي سنڌ جو ڪيس وڙھي ٿو ۽ عملي طرح ميدان ۾ آھي ڪڏھن ڪراچي ڪڏھن ٽنڊو محمد خان ڪڏھن بدين ڪڏھن ڪنڌڪوٽ، ڪڏهن وارھ جنھن طرح سڄي سنڌ جي ماڻھن تائين پارٽي پيغام کڻي پھچائي ٿو يقينن اھو قابل فخر آھي ۽ ان جو ئي نتيجو آھي جو اڄ پارٽي سنڌ جي تمام ضلعن ۾ پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو آھي پنھنجي طاقت تي شاندار جلسا ڪري پئي ۽ مسلسل ڪري پئي ان جو مثال تازو ڪراچي يا اڄ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ٿيل ريلي آھن ان کان وڌيڪ متبادل ڪيئن ٿيندو آھي بغير وسيلن بغير ڪنھن ڀتاخوري قبضاگيري بغير ڪنھن سيٺ جي آشروات کان مسلسل ھلڻ جدوجھد ۾ رھڻ ڪو اڄ جي ڪارڪن ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن کان سکي جنھن ساڙ ڪينو حسد ھڪٻئي کي غلط ۽ غدار چوڻ واري سياست کي دفن ڪري تمام سنڌ دوست ڌرين کي گڏجي کڻي ھلڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ساٿين کي پاڻ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي سنڌ جي مفادن کي اڳيان رکي ننڍن ننڍن اختلافن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي .
جنھن طرح سان قومي عوامي تحريڪ بانبڙن کان اٿي پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو آھي مونکي يقين آھي تہ سنڌ ۾ ڪجھ عرصي کان پوءِ متبادل قومي عوامي تحريڪ کانسواءِ ٻيو نہ ھوندو ، اچو تہ اختلافن ذاتي رنجشن غير ضروري تنقيدن ۽ دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ اڄ جي حالتن کي سمجھي ھڪ مظبوط گس وٺون دنيا جي نئين اسٽرڪچر جي وارڊ ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪيون پاڻ ۾ علم عقل ذريعي نيون شيون تخليق ڪيو ، پراڻين ٻڌل ڳالھين ھٿ ٺوڪين ڳالھين تي پلاننگون نہ ڪيون پراڻا انقلاب وقت ۽ حالتن مطابق زبردست ھئا پر اڄ جي حالتن ۾ اھي حڪمت عمليون غير نتيجاخيز ٿينديون ان ڪري اچو تہ ھڪ لکي پڙھي قيادت ۽ مسلسل جدوجھد ۾ رھندڙ تنظيم سان جڙون قومي عوامي تحريڪ کي مظبوط ڪيون تہ جيئن ايندڙ دؤر ۾ دشمن جي سازشن کي ناڪام ڪجي.
