حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جي تعليمي اداري ۾ ڪرپشن، ناقص تعليمي نظام، ميرٽ جي لتاڙ، سفارشي نظام، غيرقانوني طور وڌايل فيسون، شاگرد يونين تي پابندي، ۽ حراسمينٽ خلاف شھباز بلڊنگ کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. ريلي جي اڳواڻي ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر صدام کوسو، سيڪريٽري دانش پرمار، ثقلين عباس، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر صدام سنڌي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. 7 ھزار کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليج بند پيا آھن. لکين ٻار تعليم کان محروم آھن. سنڌ بلوچستان ۽ ڪشمير کان به تعليم ۾ پٺتي پيل آھي. ڪرپشن جي ڪينسر سبب اسڪولن جون عمارتون تباھ آھن. حڪمرانن سنڌ ۾ ميريٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي. حڪمران چاھين ٿا تہ سنڌ ۾ جھالت ھجي. بک ۽ بيروزگاري ھجي. غريب جو ٻار لاءِ اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. تعليم مھانگي ۽ اميرن لاءِ آھي. اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ شاگرد يونين تان غير قانوني طور مڙهيل پابندي هٽائي وڃي. سنڌ جي تعليمي نظام ۾ چوٽ چڙهيل ڪرپشن کي ختم ڪري، ملوث وزيرن ۽ ڪامورن کان حساب ورتو وڃي. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن جون فيسون معاف ڪيون وڃن. سنڌ ۽ پاڪستان جي اعلي تعليمي ادارن مان انتهاپسندي ختم ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو ته تعليمي نصاب پرائمري کان وٺي جديد، سائنسي ۽ دلچسپي وارو بنايو وڃي. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ اينٽي حراسمينٽ سيل قائم ڪري شاگردن جي نمائندگي سان ڪميٽيز تشڪيل ڏنيون وڃن. سنڌ جي سمورن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ لازمي طور پڙهايو وڃي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ 10 سيڪڙو غريب شاگردن کي مفت تعليم فراھم ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو تہ جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ در اصل سنڌو سنئون سنڌ ۽ سنڌ جي مستقبل تي حملو آهي، ملوث آفيسرن کي برطرف ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي. اسڪولن کي اوطاقون ۽ مال جا واڙا ٺاهڻ واري عمل خلاف قومي ۽ صوبائي حڪومتون قانون پاس ڪري هن ڏوھ کي ناقابل معافي ڏوھ قرار ڏيئي 10 سال سزا سان گڏ جرماڻو عائد ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو تہ سرڪاري گرلس ۽ بوائز هاسٽلز جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائي صفائي واري ماحول سان گڏ صاف پاڻي، معياري کاڌو، لائبريري ۽ انٽرنيٽ جي سهوليت ڏني وڃي. سنڌ جي هر ڊويزن ۽ ضلعي ۾ سائنس، آرٽ، ميڊيڪل، انجينئرنگ ۽ وڪالت لاءِ نيون يونيورسٽيون ۽ ڪئمپس قائم ڪيا وڃن. اڳواڻن چيو تہ سيڪينڊري، انٽرميڊيئٽ ۽ گريجوئيشن لاء جوڙيل بورڊ ڪرپشن ۾ غرق ٿيل آهن، مارڪن جي خريد فروخت ۾ ملوث آفيسرن کي نيڪالي ڏئي انھن جي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سمورن بورڊن ۾ ميرٽ بحال ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو ته انٽرنيشنل ٽرانسپيرينسي رپورٽ مطابق سنڌ جو تعليمي کاتو ڪرپشن ۾ اول نمبر تي آهي، پرائمري جي داخلا کان وٺي گريجوئيشن تائين ڪرپشن اڏوهي وانگر تعليم کي کوکلو ڪري چڪي آهي. تعليم جي تباھي سنڌ تي وڏو حملو آھي. سنڌ تي حملا بند ڪيا وڃن.
