سومر تي استعيفائن جي تصديق لاءِ قومي اسيمبلي وينداسين، چونڊون مارچ اپريل ۾ ٿي وينديون: عمران خان

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هن زرداري ۽ مراد علي شاهه سان ڊيل ڪئي هئي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنٽرولڊ آهي ۽ جنرل باجوا زرداري ۽ مراد علي شاهه سان ڊيل ڪئي هئي، پ پ ۽ ن ليگ وٽ فنڊنگ جي ڪا رسيد ناهي، جڏهن ته اسان وٽ 40 هزار ڊونرز جو ڊيٽا بيس موجود آهي. هن چيو ته ق ليگ سان اتحاد ڪري رهيا آهيون، ڇو ته انهن اسان جو ساٿ ڏنو آهي، سومر تي استعيفائن جي تصديق لاءِ قومي اسيمبلي وينداسين، منهنجي اڳڪٿي آهي ته چونڊون مارچ اپريل ۾ ٿي وينديون. سندس چوڻ هو ته اقتدار خاطر عوام جي اعتماد کي ڇيهو نه رسائيندس پر حڪومت ۾ اچڻ لاءِ ڪا سوديبازي نه ڪندس. عمران خان پرڏيهي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته بلاول ٻاهرئين ملڪن جا مون کان وڌيڪ دورا ڪيا، پنهنجي پئسي سان دورا ڪري رهيو آهي ته ڇا اهي بلاول جا ذاتي دورا آهن؟

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں