سوڀوديرو ۾ جسقم پاران شاگردن جي مان ۾ الودائي تقريب ۽ مچ ڪچھري ٿي گذري

سوڀوديرو(رپورٽ:حق نواز سولنگي)  جسقم تعلقا سوڀوديرو  پاران سوڀوديرو ڀرسان ڳوٺ درگاھي سامٽيو ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي مان پاس ڪندڙ شاگردن جي مان ۾ الوداعي تقريب ۽ مچ ڪچھري  جو پروگرام ٿي گذريو جنهن جي صدارت جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جن ھيا مھمان خاص جسقم جو مرڪزي اڳواڻ فقير  امداد منگي پنھل ساريو نور تنيو سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ لالڻ چنا تعلقا پريس ڪلب سوڀوديرو  جو سرپرست اعلي جمال محمود کھڙو، محسن ڀيلار استاد شوقت گھانگھرو، زاھد ڄامڙو، زاھد شنباڻي، زاھد سامٽيو، اشفاق سامٽيو سميت وڏي تعداد ۾ نوجوانن ۽ شاھ لطيف يونيورسٽي جي شاگردن شرڪت ڪئي. جسقم تعلقا سوڀوديرو  جي صدر ڪرم سامٽيو آيل مھمانن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ۽ مھمانن کي اجرڪ اوڍايا. ان موقعي تي مقررين خطاب پڻ ڪيو  آخر ۾ سلامت فقير راڳ رنگ جي محفل ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں