لاهور (بيورو) وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ پنجاب جي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي مداخلت جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزيرن خواجا سعد رفيق ۽ راڻا ثناءُ الله لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي عبوري رليف جي نالي تي مڪمل رليف ڏئي ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ نقص آهي، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي مداخلت ڪري، هاءِ ڪورٽ به پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري. پريس ڪانفرنس دوران خواجا سعد رفيق چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ بابت قانوني ماهرن سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، جوڙٽوڙ جي سياست اسان نه پر عمران خان شروع ڪئي. راڻا ثناءُ الله چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي پرويز الاهي جا اختيار محدود ڪرڻ گهرجن ها، پرويز الاهي عبوري رليف گهريو هو، عدالتي فيصلي ۾ کيس عبوري رليف بدران مڪمل رليف ڏنو ويو. پرويز الاهي ۽ سندس پٽ اربين روپين جون ڏهاڙيون هڻي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ پنجاب جي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي مداخلت ڪري، پرويز هن چيو ته الاهي وٽ نمبر پورا هجن ها ته اعتماد جو ووٽ وٺي ها.وفاقي وزيرن چيو ته مهڻو ڏنو وڃي ٿو ته اسان اليڪشن کان ڀڄڻ چاهيون ٿا، اسان ڀڄڻ وارا نه آهيون، اسان چاهيون ٿا ته اسيمبليون مدو پورو ڪن ۽ چونڊون مقرر وقت تي ٿين.
